124

ڪورونا وائرس سنڌ ۾ وڌيڪ 29 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 1188 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 29 مريض ڪوروناوائرس سبب فوت ٿيا جنهن سان فوتين جو انگ 6413 ٿي ويو ۽ 15288 ٽيسٽن ڪرائڻ سان 1188 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 29 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جو تعداد 6413 تائين پهچي وئي آهي جيڪا فوتين جو 1.6 سيڪڙو شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 15288 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن ۾ 1188 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 7.8 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5265730 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن جي نتيجي ۾ 410749 ڪيس پڌرا ٿيا جن مان 87 سيڪڙو يعني 357635 مريض صحتياب ٿي چڪا جنهن ۾ 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 1107 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 46701 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 45202 گهرن ۾، 37 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 1410 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 1244 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن مان 101 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 1188 نون ڪيسن مان 632 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 203، ڏکڻ ۾ 115، سينٽرل 103 ، ملير 98 ، ڪورنگي 85 ۽ ضلع اولهه ۾ 28 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 122، نوشهروفيروز 50، ٺٽو 42، بدين 40، ڄامشورو 34، ٿرپارڪر 31، سجاول 29، ميرپورخاص 28، سانگهڙ 27، عمرڪوٽ 22، شهيد بينظير آباد 21، ٽنڊوالهيار 16، دادو 14، ٽنڊو محمد خان 12، گهوٽڪي 9، مٽياري 8، سکر 6، ڪشمور 5، جيڪب آباد، خيرپور ۽ شڪارپور 1-1 ڪيس آهن. ويڪسينيشن جي ڊيٽا بابت وڏي وزير چيو ته 12 آگسٽ تائين 8771227 ويڪسين ڪئي وئي هئي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 166957 ويڪسينون لڳايون ويون – مجموعي طور تي 9127506 ويڪسين لڳي چڪيون آهن جيڪي 26.81 سيڪڙو شرح بڻجي ٿي. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو