148

سکر ۾ تاريخي مسجد وارو ماتم برآمد، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ،موبائيل نيٽ ورڪ مڪمل بند

سکر(ويب ڊيسڪ) سکر ۾ تاريدخي مسجد وارو ماتم برآمد،سيڪيورٽي هاءِ الرٽ،موبائيل نيٽ ورڪ مڪمل بند، ان سلسلي ۾ پراڻي سکر مان قديمي ماتمي جلوس لال مڪان وٽان برآمد ڪري روايتي رستن تان ڏتل شاهه جي قبرستان ۾ رکيو ويو، ماتمي جلوس دوران سوين مومنن سينا زني ۽ تلوارن جو ماتم ڪيو، هوڏانهن سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا،  جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماهر نشاني باز مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته رينجرز اهلڪار پڻ ڊيوٽي ڪندا رهيا، هوڏانهن  تاريخي جلوس سبب شهر ۾ منجهند جو 12 کان رات 10 وڳي تائين موبائيل  نيٽ ورڪ بند رکيو ويو، جڏهن ته ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي، ايس ايس پي عرفان علي سمون ۽ رينجرز جي اعليٰ عملدارن دورا ڪري سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، ماتمي جلوس دوران سبيلون ۽ نياز ورهائڻ جو سلسلو به جاري رهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو