149

شڪارپور ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيلن خلاف ڪيس داخل،شهيد اهلڪارن جو پلاند ڪري ڇڏيو:تنوير تنيو

شڪارپور(ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيلن خلاف ڪيس داخل،شهيد اهلڪارن جو پلاند ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ناپرڪوٽ ٿاڻي تي ايس ايڇ او عبدالرشيد لاکو جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته بدنام ڏوهاري ڏوهه جي ارادي سان نيشنل هاءِ وي تي نڪتا ته  بيگاري ڪئنال جي ڪڙ وٽ مقابلي ۾ تمام گهڻن قتلن، ڌاڙن، ڦرن، ۽ مقابلن ۾  گهربل ڌاڙيل جهنگل پٽ موٽو تيغاڻي ۽ جانو پٽ عزيز الله تيغاڻي مارجي ويا، هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور تنوير احمد تنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان شهيد پوليس اهلڪارن جو پلاند ڪري ڇڏيو آهي، شهادت ۾ملوث بدنام ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي ۽ جانو تيغاڻي مارجي ويا آهن، هن چيو ته جهنگل تيغاڻي تي 10 لک رپيا انعام رکيل هو، هن اهلڪارن جي شهادت بعد بڪتر بند گاڏي تي قبضو پڻ ڪيو هو، هن چيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ضلعي ۾ امن ڪرائي سک جو ساهه پٽينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو