ميرپورساڪرو (ويب ڊيسڪ) پ پ پ ايم پي اي ۽ ملڪ جي سياسي سماجي شخصيت حاجي علي حسن زرداري غلام الله ۾ پيش آيل شرم ناڪ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي سخت افسوس ۽ ڏک جو اظھار ڪيو آھي. فوتي نينگري جي وارثن سان دلي ھمدردي جو اظھار ڪندي چيو تہ غلام الله لڳ ڳوٺ اشرف چانڊيو وارو جيڪو واقعو پيش آيو آھي، ان جي جيتري بہ مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي، ھن چيو تہ جوابدارن کي ھر حالت ۾ گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو، ايس ايس پي ٺٽو مڪمل طور تي معاملي جي چاچ ڪري، ھن ڏک واري گھڙي ۾ اسان وارثن سان گڏ آھيون.
