ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ دهشتگردي، مني ٽرڪ ۾ بم ڌماڪو، هڪ ئي خاندان جا 9 گهر ڀاتي فوت،10 زخمي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو،آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز کان رپورٽ طلب. رپورٽ موجب مني ٽرڪ ڊرائيور بلديا پريشان چوڪ وٽان شادي تقريب ۾ ويندڙ هڪ خاندان کي ويهاريو،ٽرڪ بلديا ٽائون مواڇ ڳوٺ وٽ پهتي ته ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ شادي تقريب ۾ويندڙ عورتن ۽ ٻارڙن سميت هڪ ئي خاندان جا 9 ڀاتي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اسپتال ۾ ايمرجنسي پڻ لاڳو ڪئي وئي، اسپتال انتظاميا موجب 9 لاش اسپتال پهچايا ويا آهن، فوتين ۾5 عورتون ۽ 4 ٻارڙا شامل آهن، لاشن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملندي ئي وڏي انگ ۾ماڻهو اسپتال پهتا،جيڪي پنهنجن پيارن جي لاشن کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا، هوڏانهن بم ڊسپوزل اسڪواڊ، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي،علائقي ۾سرچ آپريشن ڪيو ويو، واقعي واري هنڌان اهم شاهديون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملدار موجب ڌماڪو سلينڊر جو نه پر بم جو هو،جيڪو مقامي طور تي تيار ڪيو ويو،ٽرڪ جي باڊي تي نٽ بلٽ ۽ ڇرن جا تمام گهڻا نشان موجود آهن، هوڏانهن ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين موجب واقعو تخريبڪاري جو آهي،ٽرڪ تي ڪريڪر بم جهڙي ڪا شيءِ اڇلائي وئي، انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال پهچايو ويو آهي. هوڏانهن ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه ڊي آءِ جي ٽريفڪ کان واقعي بابت 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک پهتو آهي، واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
