143

سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون پروقار تقريبون، ريليون، قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جيان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، گهوڙا ٻاري جي ضامن هائوس تي پاڪستان پيپلز پارٽي تڪ پي ايس 78 جي ايم پي اي علي حسن زرداري جشن آزادي جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو، انهي موقعي تي ساڻس پ پ پ ضلعي نائب صدر عبدالحميد پنهور، شاهنواز لوهار ، ايم مظفر شيخ، فقير ذوالفقار لاشاري ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا، ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري چيو آھي ته اسان پاڪستاني خوشنصيب قوم آھيون جو اڄ پاڪستان جو 74ھون آزادي ڏھاڙو ملھائي رھيا آھيون، قائداعظم پنھنجي مسلسل جدوجھد ۽ حڪمت عملي سان مسلمانن کي انگريزن جي غلامي کان آزادي ڏياري، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ سان گڏ متفق آئين ڏئي ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي نظرئي کي اڳتي وڌائيندي ملڪ کي مضبوط ۽ محفوظ بنايو، پاڪستان صدين تائين قائم رھندو، دشمنن جون ھر سازشون ناڪام وينديون. ھِن ھن چيو ته ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي نظرئي کي پاڪستان پيپلز پارٽي اڳتي وڌائي رھي آھي، سڀني قومن کي پنھنجا حق ڏياريا آھن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ئي اھا واحد پارٽي آھي جيڪا سڄي ملڪ جي عوام کي بنا ڪنھن تفريق جي گڏ کڻي ھلي رھي آھي، سڀني قومن کي برابري جي بنياد تي نمائيندي ڏني آھي ۽ ملڪ جي پورھيت، ھاري ۽ مزدور طبقي کي پڻ پيپلز پارٽي پنھنجو سمجھي ٿي، هوڏانهن حيدرآباد ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري مک تقريب جو اهتمام ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ حيدرآباد جي احاطي ۾ ڪيو ويو، تقريب ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، ڊي آئي جي حيدرآباد شرجيل احمد کرل ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو خاص طور تي شرڪت ڪئي، ان کان اڳ تقريب ۾ خاص مهمانن پاران قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، جنهن بعد قومي ترانو هلايو ويو، جڏهن ته پوليس بينڊ پنهنجي مخصوص انداد ۾ سلامي پيش ڪئي، مرڪزي تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارڙن تحريڪ آزادي جي حوالي سان تقريرون ۽ ملي نغما پيش ڪيا، تقريب جي آخر ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ مختلف عملدارن سان گڏجي فاريسٽ کاتي پاران سانوڻي وڻڪاري مهم جو افتتاح ايڇ ڊي اي جي آفيس جي احاطي ۾ ٻوٽو لڳائي ڪيو، ٻي پاسي مختلف تنظيمن پاران مختلف جاين تان ريليون ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون جشن ملهائي وطن سان محبت جو اظهار ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميه طرفان ميونسپل اسٽيڊيم ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو قومي جهنڊو ڦرڪايو ويو ۽ قومي ترانو پيش ڪري هوا ۾ ڪبوتر اڏاريا ويا، لاڙڪاڻو پوليس ۽ اسڪائوٽس پاران ڊي سي کي سلامي پيش ڪئي وئي، اسڪولي شاگردن طرفان ملي نغمه پيش ڪيا ويا، جڏهن ته مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن طرفان ريليون ڪڍيون ويون، سکر ڪلچرل ڪامپليس ۾ جشن آزادي جي حوالي سان ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر امتياز علي ميمڻ،وقار حسين اسسٽنٽ ڊارئريڪٽر سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن سنڌ شاعر، خالد ٻانڀڻ،امير علي بروھي ۽ آفيس جي جي پوري ٽيم طرفان جشن آزادي جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، ڪنري ۾ ٽائون ڪميٽي تي جھنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد حسن کوسو، پ پ اڳواڻ عمران خان، ٽائون آفيسر غلام حسين ڪپري ۽ ٻين جھنڊو لھرايو، ڪبوتر اڏاري ٻوٽا پوکيا ويا، پوليس جي جوانن اسڪائوٽ سلامي پيش ڪئي، ٻئي پاسي ھندو پنچائت پاران شري ڪرشنا مندر ۾ يوم آزادي جي موقعي تي خصوصي دعائون گھرڻ سان گڏ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪايو ويو. ملڪي سلامتي ۽ ڪورونا وبا جي خاتمي لاءِ پراٿنائون ڪيون ويون، اسلام ڪوٽ ڀرسان ٿرڪول بلاڪ ون تي پاور پلانٽ شهنگائي اليڪٽرڪ ٽي سي بي 1 ۽ پروجيڪٽ ڊپارٽمينٽ تي چائينيز ۽ پاڪ فوج جي نوجوانن پاران گڏيل طور تي جشن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي، تقريب ۾ شريڪ ٿيل سڀ پاڪستاني جهنڊي هيٺ گڏ ٿي ويا ۽ جهنڊي کي ڦڙڪائي سلامي ڏيئي دعائون گهريون ويون،ُانهي موقعي تي چائينيز پاران به پاڪستاني جهنڊي کي سلامي ڏني ۽ پاڪستان جي سلامتي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،چين ۽ پاڪستان دوستي جا جهنڊا آسمان تي ڦڙڪايا ويا،جوانن پاران پريڊ جو زبردست مظاهرو پُڻ ڪيو، ٻي پاسي ٽنڊوالهيار، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز، خيرپور، قمبر،ڪنڊيارو، سچل ڳوٺ،قبو سعيد خان،ڏيپلو، دائو جهانپور، ڏانو ڌانڌل، اسلام ڪوٽ، بلڙي شاهه ڪريم، ٺل، روهڙي، ڪوٽ غلام محمد، ملڪاڻي شريف، باقراڻي، ڏوڪري، اوڏيرو لال، منهڙو، مديجي، هالاڻي، ڄام نواز علي، ڊگهڙي،  محبت ديرو، رتوديرو، پڊعيدن ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي قومي جهنڊي کي ڦڙڪايو ويو، ريليون ڪڍي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعائون گهريون ويون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو