130

چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذاتي انا کان مٿانهون ٿي فيصلا ڪرڻا پوندا: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذاتي انا کان مٿانهون ٿي فيصلا ڪرڻا پوندا، يوم آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ملڪ وڏين قربانين کان پوءِ مليو وقت جي اهم ضرورت آهي ته ڀائيچاري، رواداري ۽ صبر کي اختيار ڪري قوم کي پاڻ ۾ گڏ ڪيو وڃي، نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن هن ملڪ جي خدمت ڪئي، عالمي دنيا ۾ عزت جو مقام ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، هن چيو ته  لوڊشيڊنگ جي اوندهه جو خاتمو ڪيو، ملڪ ۾ موٽروي جو جار وڇايو سي پيڪ جهڙي عظيم منصوبي تحت تاريخي  سيڙپڪاري ڪئي،ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد اعظم جو پاڪستان بنائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو