128

لورالائي ۾ ايف سي گاڏي تي حملو، هڪ جوان شهيد، ميجر سميت 2 اهلڪار زخمي، 3دهشگرد مارجي ويا

 ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) لورالائي ۾ ايف سي گاڏي تي حملو،  هڪ جوان شهيد ميجر سميت 2 اهلڪار زخمي، 3دهشگرد مارجي ويا، رپورٽ موجب لورالائي ۾ ايف سي گاڏي گشت ڪري رهي هئي آهي ته دهشگردن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾  نائيڪ شريف شهيد ٿي ويو، جڏهن ته  ميجر قاسم ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيا، شهيد اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيا ويا، ٻئي طرف  سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪاروائي ۾ 3 دهشگرد مارجي ويا، جڏهن ته  علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو آهي، هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ايف سي گاڏي تي دهشگرد جي فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ايف سي گاڏي تي فائرنگ انتهائي بزدلاڻي ڪاروائي آهي، دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارواييون اسان جي فورسز جا حوصلا ختم نه ٿيو ڪري سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو