126

اشرف غني 7 سالن تائين افغانستان کي ذاتي جاگير وانگر هلايو: عمر زخيل وال

 ڪابل(ويب ڊيسڪ)  پاڪستان ۾ مقرر اڳوڻي  افغان سفير ڊاڪٽر عمر زخيل وال افغانستان جي صدر اشرف غني تي سنگين الزام هيا آهن، هڪ خابرو اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته اشرف غني 7 سالن تائين افغانستان کي ذاتي جاگير وانگر هلايو، اختيارن جي غلط استعمال سان پنهنجي اقتدار کي وڌيڪ 5 سال ڊيگهه ڏني آهي،سيڪيورٽي فورسز سوچي پئي ته اسان ڪنهن جي بقا لاءِ وڙهي رهيا آهيون؟، هن چيو ته ڪيترن ئي ضلعن ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن تي مزاحمت کانسواءِ طالبان تي ڪنٽرول سمورين حقيقتن کي ظاهر ڪري ڇڏيو، هن چيو ته طالبان ڪيترائي ڀيرا اشارو ڏئي چڪا آهن اشرف غني کانسواءِ امن ڳالهين جي لاءِ تيار آهن، پر اشرف غني اقتدار چنبڙي ويٺو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو