118

ڪورونا جي خطرناڪ صورتحال ۽ عوام جي لاپرواهي…!

ليکڪ: عبدالسميع ڀنڀرو

هن وقت ڪورونا جي چوٿين لهر ڊيلٽا وائرس جي نالي سان تيزي سان پکڙجي رهي آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن آمريڪا، برطانيا، چين، جرمني، انڊيا ۾ وڏي پئماني تي اثر ڇڏيندڙ ۽ تباهي آڻيندڙ ڪورونا جي ٽئين لهر کانپوءِ هي چوٿين لهر آهي اسان جي ملڪ ۾ انڊيا کان داخل ٿيندڙ ڊيلٽا وائرس تيزي سان ڪراچي ۾ پهتو آهي، جنهن پوري ڪراچي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، هزارين مريض اسپتالن ۾ داخل آهن ان کان اڳ هزارين مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن، پنهنجي زندگي جي ڏيئي کي هميشه لاءِ اونداھه ڪري هليا ويا آهن، هن کان اڳ ڪورونا جو رخ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ هو ۽ پورو پنجاب ڪورونا جي لپيٽ ۾ آيل هو، حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرون ٻڌايون آهن جن ۾ ماسڪ جو استعمال، سماجي وٿي ڪرڻ، هٿ صاف ڪرڻ وغيره آهي، ان کانپوءِ دنيا جي مختلف ملڪن ڊگهي تحقيق کانپوءِ اينٽي ڪورونا انجيڪشن ايجاد ڪئي جيڪا دنيا جي سڀني ملڪن کي ملي هن وقت اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ڪورونا جي انجيڪشن عام جام ملي رهي آهي، ننڍن وڏن شهرن جي اسپتالن ۾ ڪورونا وئڪسين سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، سرڪاري ملازمن،مسافرن ۽ دڪاندارن سميت سڀني ماڻهن لاءِ ڪورونا وئڪسين هڻائڻ لازمي قرار ڏنل آهي، ڪورونا جو ٻيو ڪو علاج نه آهي هڪ احتياط ۽ ٻيو انجيڪشن، ٻئي عمل اسان لاءِ لازمي آهن حڪومت سنڌ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون  ڪري ايس او پيز تحت زندگي جو ڪار وهنوار هلائڻ جي هدايت ڪئي 2 هفتا اهو لڳايو ويو، اسان جو فرض آهي ته هن موذي مرض کان بچڻ لاءِ حڪومت سان تعاون ڪيون ۽ ٻين ملڪن جي صورتحال مان سمجھون، انڊيا کي ڏسي اهڙي صورتحال سان پنهنجي زندگي گذاريون جيئن ڪجهھ بچاءُ ٿي سگھي، هن وقت اسان جو عوام مڪمل لاپرواهي کان ڪم وٺي رهيو آهي ۽ ڪورونا وبا کي مذاق سمجھي رهيو آهي ۽ حڪومتي هدايتن جي اُبتڙ هلي رهيو آهي، جيئن بازار مان روز ڪنهن سبزي يا فروٽ جوا گھه پڇجي ائين اسان جا ماڻهون ڪورونا بابت پڇندا آهن ته ڇا ڪورونا آهي؟ ڪورونا کي ڏسڻ لاءِ، جاچڻ لاءِ ٽيلويزن ڏسو، سوشل ميڊيا ڏسو، يا ڪراچي جي ڪنهن اسپتال ۾ وڃي ڪورونا کي ڏسو. ڪورونا هڪ خطرناڪ وبا آهي، ڪورونا جان ليوا آهي، جنهن لاءِ اسان جو بچڻ ضروري آهي انسان جي زندگي الله تعاليٰ جي طرفان ڏنل هڪ نعمت آهي، زندگي هڪ خزانو آهي زندگي هلچل جو نالو آهي، زندگي ڏک سک جي راند آهي، زندگي هڪ باغيچو آهي، اسان خود باغ آهيون، اسان جا ٻار ان باغ جا گل آهن، جن جي خوشبو ملڪن تائين پکڙجي ٿي، هن باغيچي کي بچائڻ اسان توهان سڀني جو گڏيل فرض آهي، اچو ته گڏجي جاڳرتا مهم هلايون، هن وقت تعليمي ادارا، شهر بازارون ويران آهن ۽ اسان سڀ خاموش آهيون، اسان جي خاموشي جان ليوا ٿي سگھي ٿي، ماسڪ صرف 10 رپين جو آهي، صابڻ  هر ماڻهو جي گھر ۾موجود آهي، افسوس جو اسين ماسڪ پائڻ لاءِ تيار نه آهيون، پوءِ اڳتي جنگ جو ميدان ڪيئن فتح ٿيندو؟ دوستو ڳالهھ سمجھڻ جي آهي، سوچيو ڪورونا کان بچڻ لاءِ لاپرواهي نه ڪيو، فوري طور تي وئڪسين ڪرايو، ايس او پيز تي عمل ڪيو ۽ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو ته جيئن هن خطرناڪ وبا مان جان ڇُٽي سگھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو