ليکڪ: اويس ساگر سومرو
اسان جڏهن اسلامي تاريخ جي ڪتابن جو گهرائي سان مطالعو ڪنداسين ته اسان کي اهو چڱي ريت معلوم ٿي ويندو ته امام حسين عه جن ۾ ننڍپڻ کان ئي اهي سڀ خصوصيتون هيون، جيڪي مذهبن جي تاريخ عظيم ڪردارن لاءِ مخصوص ڪيون آهن. پاڻ گهٽ ڳالهائڻ پسند ڪندا هئا. عمر ۽ مرتبي جي لحاظ کان فضيلت رکڻ وارن جو ادب ۽ احترام ڪندا هئا. هم عمر وارن سان خلوص ۽ گفتگو ۾ نرمي اختيار ڪندا هئا، اهي سندن ابتدائي سيرت جا نمايان جوهر هئا. پاڻ ڪيترا مهذب هئا ۽ سندن تربيت ڪيتري اعليٰ ٿيل هئي انهيءَ جو اندازو هڪ واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”هڪ ڀيرو پاڻ مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويا، سندن وڏو ڀاءُ امام حسن عه ساڻن گڏ هو، جڏهن پاڻ مسجد ۾ پهتا ۽ ڏٺائون ته هڪ صحابي وضو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هن جي وضو ڪرڻ جو طريقو درست نه آهي، پاڻ ان صحابي کي چيائون ته ”اوهان اسان ٻنهي ڀائرن جو وضو ڪرڻ ڏسو ۽ پوءِ ٻڌايو ته اسان مان ڪير صحيح آهي“. پاڻ وضو ڪيائون ۽ ان صحابيءَ سندن وضو ڪرڻ جو طريقو ڏسي پنهنجي غلطي محسوس ڪري ورتي ۽ چيائين ”اوهين ٻئي صحيح آهيو، پر منهنجو طريقو غلط هو ۽ هاڻ منهنجي پاڻ اصلاح ٿي وئي“. امام حسين عه جي سيرت جو مطالعو ڪرڻ سان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ پنهنجي هر عمل جي ذريعي انسانن کي صحيح دڳ تي هلڻ جو درس ڏنائون. حضرت امام حسين عه حضرت علي عه ۽ بيبي فاطمه (س) جا فرزند ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جا ڏهٽا 3 شعبان 4 هجري مطابق 8 جنوري 626ع تي پيدا ٿيا، امامت جي سلسلي ۾ ٽيون نمبر امام آهن. امام حسين جي ڪنيت ابو عبدالله، سيد شباب اهل الجنة ۽ لقب سيد الشهداءُ آهي. امام حسين عه جن جي ولادت کانپوءِ حضور صه خوشيءَ مان حضرت علي عه ۽ بيبي فاطمه (س) جي گهر آيا ۽ ٻار جي ڪنن ۾ اذان ۽ اقامت ڏنائون، سندس نالو ”حسين عه“ رکيائون. هُو حضور جن جي سايه شفقت ۾ پليا. حضرت محمد صه جن جو امام حسين سان گهڻو پيار ۽ محبت هئي ۽ اهڙا گهڻائي واقعا ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو. پاڻ سڳورا صه امام حسين عه سان غير معمولي محبت ۽ شفقت ڪندا هئا. امام عه جن اڃا مس ستن سالن جا هئا ته حضور صلعم جن جي سايه شفقت کان محروم ٿي ويا. حضرت علي عه جي دورِ خلافت ۾ پاڻ بلڪل جوان ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجي والد سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهروان ۾ شامل رهيا. 40 هجري ۾ پنهنجي والد حضرت علي عه ۽ 50 هجري ۾ پنهنجي ڀاءُ امام حسن عه جي جدائيءَ جو صدمو برداشت ڪيائون. اڪثر روزي ۾ رهندا هئا، ڪافي حج ۽ عمره ڪيائون. امام حسين عه جي اوسر جو زمانو اکين سان ڏٺو هو. اسلامي تاريخ جا سڀئي واقعا سندن اکين آڏو هئا. 56 هجري (675ع) ۾ جڏهن حالتون تمام گهڻيون بگڙي ويون ۽ يزيد کي ولي عهد مقرر ڪيو ويو، تڏهن پاڻ يزيد جي وڏي مخالفت ڪيائون. ان مخالفت تي حڪومت شام کان جواب طلبي ٿي، جنهن جي جواب ۾ امام حسين عه حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ پنهنجي خيالن کي بيان ڪندي يزيد جي ولي عهد واري حيثيت کي ناجائز قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيائون ۽ بيعت طلب ڪرڻ تي امام حسين عه بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. معاملا سنگين ٿيندا ويا، تان جو ڪربلا جو واقعو پيش آيو. يزيد جي حڪم تي امام حسين عه کي 10 ١٠ محرم 61 هجري مطابق 10 آڪٽوبر 680ع تي پنهنجي مائٽن ۽ انصارن سميت ڪربلا ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس تربت ڪربلا معليٰ ۾ آهي.