124

محرم الحرام ۽ مظلومِ ڪربلا…

ليکڪ: مفتي سيد حمادالله شاهه ايڊووڪيٽ

اسلامي هجري سال جي ابتداءِ محرم الحرام جي ڀلاري مهيني کان ٿئي ٿي، جيئن عيسوي سال جي نسبت حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پيدائش جي طرف ڪئي وڃي ٿي، اهڙي طرح اسلامي هجري سال جي نسبت حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي هجرت سان ٿئي ٿي، چنڊ جي تقويم جي مطابق مديني پاڪ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار جيڪا پهرين اسلامي رياست قائم ڪئي هئي ان کي 1442 سال مڪمل ٿي چڪا آهن ،رب سائين کان دعا آهي ته 1443 هجري وارو نئون سال سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ ۽ خاص طور تي پنهنجي ملڪ واسين لاءِ خير، برڪت، امن، سلامتي۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿئي، اسلامي هجري سال جو خاتمو حضرت ابراهيم عليه السلام جي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي قرباني سان ٿئي ٿو ۽ هجري سال جي ابتداءِ اميرالمومنين حضرت عمر فاروق رضي الله عنه  ۽ شهيد ڪربلا حضرت امام حسين رضي الله عنه جي شهادت سان ٿئي ٿو، هونئن ته اسلامي تاريخ جو هر مهينو محترم آهي پر محرم الحرام پنهنجين ڪجهھ خصوصيتن جي ڪري وڌيڪ محترم آهي، اسلامي تاريخ ۽ حديثن جي ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ هن دنيا کي محرم مهيني ۾ پيدا فرمايو، ڌرتيءَ تي رحمت جي پهرين برسات به محرم مهيني ۾ پئي، حضرت آدم عه جي بيبي حوا سان ملاقات به محرم ۾ ٿي، حضرت ابراهيم عه جي دعا به محرم ۾ منظور ٿي، حضرت ابراهيم عه تي باھ جو آڙاهه باغ بڻجي ويو اهو به محرم جو مهينو هو، حضرت موسيٰ عه پاڻيءَ مان پار ٿي ويو ۽ فرعون غرق ٿي ويو اهو به محرم جو مهينو هو، حضرت ايوب عه کي شفا به محرم ۾ ملي حضرت عيسيٰ عه کي الله آسمانن تي گهرايو اهو به محرم جو مهينو هو، حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي هجرت جي نسبت به محرم سان آهي، حقيقي قيامت به محرم ۾ قائم ٿيندي ۽ ڪربلا واري قيامت به محرم ۾ برپا ٿي، اسلامي تاريخ جي حوالي سان به محرم جي مهيني ۾ ٻه اهم واقعا ٿيا آهن يعني پهرين محرم تي حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سهري، شهنشاھ عدالت، اميرالمئومنين ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضه جي شهادت ٿي آهي ۽ ڏهين محرم تي حضور اڪرم صه جي ڏوهٽي خاتون جنت امان فاطمته الزهراءِ رضي الله عنها جي فرزند پنهنجن ساٿين، معصوم معصوم ٻچڙن ۽ عزيزن سميت ڪربلا جي ميدان ۾ جام شهادت نوش فرمايو، حضرت امام حسين رضه انهن خوش نصيب انسانن مان آهي جن جي پرورش ۽ تربيت پيغمبر اڪرم صه جن جي نظرداريءَ هيٺ ٿي،.حضرت امام حسين رضه جي ولادت شعبان جي مهيني ۾ سن 4 هجري ۾ ٿي، هن حساب سان حضور اڪرم صه جن جي لاڏاڻي وقت سندن عمر 6 سال 6 مهينا 12 ڏينهن هئي، ڄمڻ کان پوءِ حضرت حسين رضه کي رسول صه  جن وٽ آندو ويو، پاڻ ڪريم صه گهڻو خوش ٿيا کارڪ چٻاڙي حضرت امام حسين رضه جي تارون تي هنئي ۽ پنهنجو لعاب مبارڪ سندس وات ۾ وڌو، سندس ڪنن ۾ ٻانگ ۽ تڪبير چيائون ۽ ستين ڏينهن سندس مٿي جا وار صاف ڪرائي وارن جي تور جيتري چاندي خيرات ڪيائون ۽ سندس نالو ”حسين“ رکيائون ۽ انهي ڏينهن  تي سندس طهر ۽ عقيقو به ڪيو ويو  حضرت امام حسين رضه کي صحابيت جو شرف به حاصل آهي نه صرف حضور اڪرم صه کي ڏٺائون پر پاڻ ڪريمن صه  کان روايتون به نقل ڪيون اٿن، حضور اڪرم صه جي پنهنجن ٻنهي پيارن ڏوهٽن، امام حسن ۽ امام حسين رضي الله عنهما سان ڏاڍي محبت هئي، هڪ دفعي پاڻ سڳورن صه  جن فرمايو ته يا الله آئون حسن رضه ۽ حسين رضه سان محبت ڪريان ٿو، اي الله تون به انهن کي محبوب بڻاءِ ۽ انهن سان محبت فرماءِ،   پاڻ سڳورن صه جن فرمايو حضرت حسن رضه ۽ حضرت حسين رضه جنت جي جوانن جا سردار آهن، هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته مديني جو سائين انهن ٻچڙن کي چمندو به هو ۽ انهن ٻنهي ٻچڙن کي سنگهندو به هو، هڪ صحابي سڳوري عرض ڪيو ته سائين ٻچڙن جو چمڻ ته سمجهھ ۾ اچي ٿو ابو پيار جي ڪري ٻچڙن کي چمندو آهي پر ٻچڙن کي سنگهڻ  سمجھه ۾ نٿو اچي! مديني جي مير فرمايو مون کي انهن مان جنت جي خوشبوءِ ايندي آهي ۽ اهي ٻئي شهزادا منهنجي لاءِ جنت جا گل آهن، مديني جو مير پنهنجن انهن ٻنهي شهزادن کي پنهنجي مبارڪ ڪلهن تي کڻي گهمائيندو هو پاڻ سڳورا صه  ڪڏهن ڪنهن نفلن ۾ شروع ٿي ويندا هئا ته اهي ٻچڙا منهنجي سائين جي پٺڙن مبارڪن تي چڙهي ويندا هئا ته منهنجو سائين پنهنجن انهن ٻچڙن کي لاهيندو نه هو پر منهنجو سائين پنهنجا سجدا ڊگها ڪري ڇڏيندو هو، يزيد جي حڪومت ۾ ڪوفين حضرت حسين رضه کي خط لکيا جن ۾ يزيد کان بيزاري ۽ ساڻن وفاداريءَ جو ذڪر ٿيل هو، خط ايتري قدر گهڻا اچي ويا جو پاڻ فقط مسلمانن جي پريشانين کي ڏسي انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوفي ڏانهن حال احوال معلوم ڪرڻ  واسطي پنهنجي سؤٽ حضرت مسلم بن عقيل کي موڪليائون، حضرت مسلم بن عقيل رضه ڪوفي پهچي خير خيريت جو احوال لکيو جنهن ۾ اهو به هو ته اوهان ڪوفي اچو ڪوفي وارا اوهان جي انتظار ۾ آهن، اهو خط جڏهن حضرت امام حسين رضه کي پهتو ته پنهنجي گهرڀاتين، عزيزن ۽ جان نثارن سان گڏجي ڪوفي روانا ٿيا، جڏهن پاڻ ڪوفي پهتا ته اهي ڪوفي وارا جيڪي پاڻ کي حضرت امام حسين رضه جو محب چورائين پيا ۽ کين خط لکن پيا ته توهان هتي اچو توهان جي هٿن تي بيعت ڪنداسين، اهي سمورا غدار ٿي ويا، ڪوفي وارن جي غداري جي نتيجي ۾ ڪربلا جو سانحو پيش آيو، ڪربلا جي ريگزار زمين تي ڏهين محر جي ڏهاڙي تي پنهنجن پٽن، ڀائٽين ۽ خاندان سميت شهادت جو جام پيتو انا لله وانا اليه راجعون.

ڪامل ڪربلا ۾ پاڻ آيا پيهي،

پھه ڪيائون پاڻ ۾ مقابل ويهي 

قضا هي ڪيهي، هئه هئه ٿي حسين سين

حضرت امام حسين رضه اها ڳالهھ سمجهائي ته دين ۽ ايمان هر شيءِ کان مٿانهون آهي. حضرت امام حسين رضه اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ ثابت ڪيو ته هڪ الله وحده لا شريڪ جي آڏو جهڪندڙ سر ڪٽجي سگهي ٿو پر غيرن آڏو جهڪي نٿو سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو