ليکڪ: مٺل جسڪاڻي
روايتن ۽ جدتن ۾ ٽڪراءُ جي ڪري، پيڙھياتي وٿي (جنريشن گئپ) ۽ ٻين به انيڪ ٺوس سببن جي ڪري، ڳالھائڻ ۽ لکڻ، ھر ايندڙ ڏينھن ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. پيڙاءُ ڀريو ماحول ڪجهه اھڙو ٿي پيو آھي، جو ذھني بلوغت تائين رسائي گهٽبي ۽ پُستگيءَ ۾ شدت وڌندي پئي وڃي. حالت اھا آھي ته عام ماڻھو ته خير، خاص شخصيتن ۾ به، سھپ ۽ رواداري نالي جي به نه بچي آھي، ڪڙي حقيقت اھا آھي، ته ڪنن ۾ ڪپهه، اکين تي کوپا ۽ وات ۾ مُڱ وجهي ڇڏجن، يا وري ڪجهه به ٿي پوي” ٻاھر ٻاڦ نه نڪري“! پر ڇا، خاموش رھڻ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو؟ اختلاف ختم ٿي ويندا ؟ سڀ ”سون“ ٿي پوندا ؟ ماٺ رھڻ سان به، ڪنھن به قسم ۽ نوعيت جي، ڪا به مثبت تبديلي، تبديلي طرف پيش رفت ٿيندي نه پئي سُجهي، اُن ڪري، موقعو ملڻ تي ڳالھائڻو به پوندو، ته لکڻو به پوندو. آئون ته ائين به چوندس ۽ لکندس، ته جيڪڏھن موقعو نه ملي، ته موقعو وٺي به ڳالھائڻ، لکڻ گهرجي. ٻُڌڻ ۽ پڙھڻ وارا ڀلي ته ڪير به ۽ ڪيترا به ٿورا ڇو نه ھجن، پر ڳالھائجي به، لکجي به، اھو به ذھن ۾ رکڻ گهرجي، ته صرف ڳالھائڻ ۽ لکڻ سان به سڌايون ۽ سڻايون نه ٿينديون، ٻُڌڻ ۽ پڙھڻ جي به ايتري ضرورت ۽ ايتري اھميت آھي، جيتري ڳالھائڻ ۽ لکڻ جي آھي، آئون ته ائين به چوندس، ته ھڪڙن جي لاءِ گهڻو ٻُڌڻ ۽ پڙھڻ ضروري آھي، ته ٻين لاءِ وري ڳالھائڻ ۽ لکڻ گهڻو ضروري آھي، ڪنھن جي لاءِ ڇا وڌيڪ ضروري آھي، اھو ھر ڪنھن کي پاڻ به طئه ڪرڻ گهرجي، ته ٻئي کي به طئه ڪري، احساس ڏيارڻ گهرجي، ته او محترم، محترمه، او مان وارا، مان واري، مھرباني ڪري ٻُڌو، پڙھو يا منٿ ڪجي، ته مھرباني ڪري ڳالھايو، لکو. ڪير به ڳالھائي يا لکي، ته ان کي نه صرف ٻُڌڻ ۽ پڙھڻ گهرجي، پر سمجهڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ته چوڻ، لکڻ واري ڇا ۽ ڇو چيو، لکيو آھي. اھو به ذھن ۾ رکجي، ته ھر ٻُڌندڙ يا پڙھندڙ سمجهي، اھو ضروري نه آھي! ڇاڪاڻ ته سڀني ٻُڌندڙن ۽ پڙھندڙن ۾، سمجهڻ جيتري سمجهه ھجي، اھو قطعي ضروري نه آھي. ان ڪري ئي ته پاڻ ٻُڌندا ۽ پڙھندا رھيا آھيون، ته الئه ڇا پئي ڳالھايائين، خبر ناھي ڇا پئي چيائين، لکيو ته اٿس، پڙھيو به اٿم، پر آھي ڇا ؟ سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو! منھنجي مٿان گذري ويو. مون کي ڌپو نه پيو، اھي سڀ اھي جملا آھن، جيڪي پاڻ اڪثر، روزاني چوندا ۽ لکندا به آھيون، ته ٻڌندا ۽ پڙھندا به آھيون، مون مٿي جيڪو ڪجهه به لکيو آھي. اھو سڀ ڪجهه، بنا سبب نه لکيو آھي. ان جو ڪو ھڪ نه، انيڪ سبب آھن. روايتن ۽ جدتن ۾ ٽڪراءُ، پيڙھياتي وڇوٽي (جنريشن گئپ) ۽ ٻيا به ڪي لڪل، ته ڪي اڻ لڪل، انيڪ ۽ ٺوس سبب آھن، جن جي ڪري، ڳالهه کي سولائيءَ سان رکڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ، مثال به اڻ ڳڻيا آھن، پر اھي ورجائڻ ضروري نه ٿو سمجهان. ان مد ۾ صرف ايترو عرض ڪندس، ته اخبارون پڙھو، رسالا پڙھو، ڪتاب پڙھو، فيس بوڪ اسٽيٽس ۽ ٽوئيٽر ٽرينڊ پڙھو، تنقيد جي نالي ۾، اختلاف جي آڙ ۾، ماڻھن جا ماڻھن تي، لکيل پڙھيل ماڻھن جا، لکيل پڙھيل ماڻھن تي، ذاتي حملا، ڪردار ڪشي، تذليل، ڪجهه به لڪل نه آھي، ڪنھن جا ڏک، سور، تڪليفون، ايذاءُ، ڪنھن سان بي واجبيون، جٺيون، اڪربا پروريون، ڏاڍايون، پھچايل تڪليفون ۽ پيڙاءُ محسوس ڪرڻ وارو احساس نه آھي، سمجهه نه آھي، ڇا آھي؟ اھڙي ته ذھني پُستگي وڌي وئي آھي، جو ھڪل، ھوڪو، ھوڪريا روزاني روز وڌي رھيا آھن. ٻُڌڻ ۽ پڙھڻ به گهٽبو وڃي، پُڇڻ به ختم ٿيندو وڃي. سمجهه اچي اتي بيٺي آھي، ته سمجهه ۾ نه آيل جملو، سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪبي آھي، سمجهڻ لاءِ پڇا ڳاڇا ڪا نه ڪبي آھي، کانڀاڻي ۾ ڳوڙھو وجهبو آھي! ڪنھن جي دردن جو درمان نه ٿبو آھي، ان کي در در تي خوار، خراب ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آھي! جديد دنيا جو ماڻھو، جديد وسيلا ڪتب آڻي، پنھنجو تعارف پاڻ ڪرائي پيو، پرک واري اک اوھان وٽ ھجڻ گهرجي. ھر ڪنھن کي پنھنجي سمجهه ڪم ايندي، اوھان، اوھان جي سوچ ۽ سمجهه جا پاڻ ذميوار آھيو، آئون پنھنجي بي علمي، ناداني، غلط سوچن جو پاڻ ذميوار آھيان. اوھان، اوھان جو تعارف آھيو، آئون پنھنجو تعارف پاڻ آھيان. پاڻ ھڪ ٻئي کي سمجهه ۾ اچون، اھو ضروري نه آھي، پر پاڻ سڀني کي صبر ۽ تحمل سان، سمجهڻ لاءِ پنھنجي سمجهه وڌائڻ گهرجي.