132

محرم الحرام ۾ ڪنگريءَ ۾ ٿيل قتلام، اختياريون ڪٿي آهن؟

ايڊيٽوريل

پير ڳوٺ جي ڪچي واري علائقي ۾ 4 محرم الحرام واري ڏينهن اوڍا-ناريجا تڪرار ۾ ناريجا برادري جي 3 ڄڻن سعيدالله، محمد عالم عرف مرچو ۽ ڪليم ناريجو قتل ٿي ويا آهن. ميڊيا جي رپورٽن مطابق ڌرين جا سوين ماڻهو هٿياربند ٿي هڪٻئي جي تاڙ ۾ لڪا ويٺا هئا، جنهن بعد هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ سڄو ڏينهن هلندڙ فائرنگ ۾ 3 ڄڻن جون حياتيون گولين جو بک بڻجي ويون. هيءُ تڪرار ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ آهي، جنهن ۾ ڌرين جا ٻن اهلڪارن سميت 15 ڄڻا مارجي ويا آهن. رڳو اوڍا-ناريجا نه پر هِن تڪرار ۾ ڀٽا ۽ جتوئي برادري پڻ شامل آهن. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سالن کان هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪي به سنجيده قدم نه کنيا ويا آهن. بنيادي طور تي هيءَ تڪرار بدنام ڌاڙيل بلاول عرف بلو ناريجي جي مارجڻ کانپوءِ شروع ٿيو، جنهن ۾ ناريجا برادري الزام هنيو ته ٻين ڌرين مخبري ڪري ڌاڙيل مارايو آهي ۽ ان کانپوءِ مسلسل علائقي جي ڄاڻايل ڌرين جي گهرن ۾ وقفي وقفي سان لاش پهچندا رهيا آهن ۽ ڄاڻايل قتلن جا ڌرين جي سوين ماڻهن تي ڪيس پڻ داخل آهن پر وڌيڪ افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ ڳالهه اِها آهي ته پوليس ڪنهن به گهربل ماڻهوءَ کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، رڳو ڪيس داخل ڪري سرڪار جا پنا ڀريندي رهي آهي. نتيجي طور هيءُ جهيڙو گهٽجڻ بدران وڌي وڻ ٿي ويو آهي ۽ هاڻ نفرت جي حد ان انتها تي پهتي آهي ته ڌرين جا ماڻهو هڪٻئي جي رت جا پياسا بڻجي موقعي جي تلاش ۾ هوندا آهن. اِهو به ناهن ڏسندا ته جنهن کي ماري رهيا آهيون اُهو جهيڙي ۾ ملوث به آهي يا نه؟ بس ذات جي بنياد تي ماڻهو ماري انگ وڌائي، هڪٻئي جي طاقت ڏيکارڻ واري انڌ تي سوار ٿيل آهن.

اسان سمجهون ٿا ته مسلمان هجڻ جي حيثيت ۾ ڪجهه مهينا اهڙا هوندا آهن جن جي احترام ۾ اسان دشمن جو به احترام ڪندا آهيون ۽ محرم الحرام پڻ اهڙو مهينو آهي جنهن ۾ ڪربلا جي واقعي کانپوءِ مسلمانن تي قتل حرام ٿيل آهي. ان ڀلاري مهيني ۾ جڏهن سڄي دنيا جا مسلمان غمِ حسين ملهائي رهيا آهن ۽ هرطرف يزيدي ڪردار تي ملامتون ٿي رهيون آهن ٺيڪ اهڙي ڀلاري مهيني ۾ جيڪڏهن مسلمان هڪٻئي سان ذاتي عداوت تي هٿيار کڻي هڪٻئي جو رت وهائين ته اِها انسانيت ته نه چئبي. نه رڳو ايترو پر هِن ڀلاري مهيني جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي ۽ پوليس سان گڏ پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جوان به ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن، ٺيڪ اهڙي عالم ۾ ڌرين جي هٿياربندن پاران سڄو ڏينهن هڪٻئي مٿان فائرنگ ٿي ۽ ان علائقي ۾ ايس ايس پي خيرپور پڻ موجود هو، ان باوجود پوليس جي نااهلي ۽ تڪڙا اپاءَ نه وٺڻ سبب وڌيڪ خونريزي ٿي. اسان ڌرين جي چڱن مڙسن کي اپيل ٿا ڪريون ته محرم الحرام جي صدقي هاڻ اِها جنگ ختم ڪئي وڃي ۽ صلح لاءِ رستا هموار ڪيا وڃن ۽ پنهنجي صفن ۾ شامل ڏوهارين کي قانون جي حوالي ڪري ايندڙ نسل کي امن ڏين. گڏوگڏ اسان سنڌ حڪومت کي پڻ اِها اپيل ڪنداسين ته علائقي ۾ پوليس جي نااهلي ۽ غير ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ٻنهي ڌرين جي ڏوهارين کي گرفتار ڪري امن ڪرائڻ لاءِ تڪڙن بنيادن تي قدم کنيا وڃن، جيئن اڳتي ڪوبه ماڻهو گولين جو بک بڻجي نه سگهي ۽ نه ئي وري ڪنهن امڙ جي جهولي خالي ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو