142

عمران خان ڪوڙ ڳالهائي پيو،ووٽنگ مشين چونڊن کي يرغمال بڻائڻ جو منصوبو آهي:پيپلزپارٽي

ڪراچي(اسٽاف )  پيپلز پارٽي اڳواڻ، بورڊز ۽ يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته اليڪٽرانڪ  ووٽنگ مشين جو استعمال چونڊن کي مڪمل يرغمال بڻائڻ جو منصوبو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته  اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مان ووٽ چوري نه ٿيندا، ان جي گارنٽي ڪير ڏيندو؟  اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مان وڏي آساني سان ووٽ چوري ٿي سگهن ٿا، عمران خان قوم سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. اسماعيل راھو چيو ته ھن ملڪ ۾ ايوب، ضياءَ ۽ مشرف دور ۾ ڪوڙين چونڊن ذريعي جمهوريت کي اغوا ڪيو ويو آهي, 2018 جي عام چونڊون به ان سلسلي جي جديد شڪل هئي. صوبائي وزير چيو ته ملڪ جي اڌ عوام کي اي ٽي ايم  هلائڻ نٿي اچي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڪيئن هلائيندي؟، ملڪ ۾ عام چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، پي ٽي آءِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي زور ڀري رهي آهي، لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. هن چيو ته بيلٽ پيپر ذريعي ٿيندڙچونڊن کان سليڪٽيڊ خان فرار ٿيڻ چاهي ٿو. هو نه بيلٽ پيپر ذريعي اقتدار ۾ آيو ھو ۽ نه ئي ھن کي بيلٽ پيپر تي يقين آھي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو تجربو به ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو