128

غريب ۽ ڪمزور طبقن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪٻاڙ گڏ ڪندڙ هڪ سائيڪل سوار ٻار جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن جي سائيڪل تي قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انشاءَ الله هي اهي پاڪستاني آهن جن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي پاڪستانين کي هيستائين اسان جي رياست نظرانداز ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو