ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان درپيش چئلينجز جي مقابلي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قدمن کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارڪس اينڊ هارٽيڪلچر اٿارٽي جي انتظام هيٺ جناح پارڪ ۾ وزيراعظم عمران خان جي گرين پاڪستان مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شاه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان ماحولياتي معاملن تي ڀرپور توجهه ڏني آهي ۽ وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ سعودي عرب ۾ جيڪا ماحولياتي ڪانفرنس ٿي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان ان جو خاص مقرر هوندو. هن چيو ته موجوده حڪومت نئين نسل ۾ وڻڪاري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪئي ۽ ماڻهن کي ان جي اهميت ٻڌائي.
