اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻطرف واپاري ڳاڻيٽو ۾ گذريل مالي سال جي دوران 61.06 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. گذريل مالي سال ۾ سعودي عرب کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 2.50 سيڪڙو جڏهن ته سعودي عرب کان آمدني واپار ۾ 81.20 سيڪڙو جي اوسر واري شرح ٿي آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذري مالي سال جي دوران سعودي عرب کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 465.79 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي سال 2020ع جي ڀيٽ ۾ 2.50 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال 2020ع ۾ سعودي عرب کي روانگي واپار سان ملڪ کي 456.42 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو هو. جون 2021ع ۾ سعودي عرب کي روانگي واپار سان ملڪ کي 36.61 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل سال جون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.
146