141

پوليس جي وقت سر ڪاروائي: آمنه چانڊيو جي لاش جي بي حرمتي ڪندڙ وحشي جوابدار پنهنجي انجام تي پهتو: صادق علي ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت معاون خاص صادق علي ميمڻ چيو آهي ته پوليس جي وقت سر ڪاروائي جي ڪري آمنه چانڊيو جي لاش جي بي حرمتي ڪندڙ سفاڪ درندو پنهنجي انجام تي پهتو ۽ هن وقت اهڙي قسم جي گهٽيا فعل ۾ ملوث ٿيندڙ ياد رکن ته هو الله پاڪ جي قهر کان ڪڏهن به محفوظ نه رهي سگهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٺٽي جي ڳوٺ اشرف چانڊيو پهچي ڪري آمنه چانڊيو جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي ڪيو. واضح رهي ته 14 سالن جي ٻارڙي آمنه چانڊيو جي لاش سان بي حرمتي جو واقعو پيش آيو. صادق علي ميمڻ وڌيڪ چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ ۽ انسانيت کان ڪريل واقعو آهي. ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي جيئن ئي اهڙي المناڪ واقعي جو اطلاع مليو ته هنن ان گهٽيا فعل ۾ ملوث ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايتون ڏنيون. صادق علي ميمڻ چيو ته آمنه چانڊيو جي پونئرن جي لاءِ وزيراعليٰ سنڌ کان مالي مدد جي به درخواست ڪندس. هن چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ معاشري جي سمورن  اسٽيڪ هولڊرز کي ساٿ ڏيڻو آهي ۽ اهڙي قسم جي عنصرن تي ڪڙي نظر رکڻ جي ضرورت آهي جيڪي ان قسم جي واقعن ۾ ملوث هجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو