132

لاڙڪاڻو: هڪ گهر ۾ ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب هڪ عورت فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي ويهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ طيب ملاح ۾ طيب ملاح جي گهر ۾ ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب هڪ ئي گهر جا 8 ڀاتي جن ۾ طيب ملاح سندس گهر واري زرينه خاتون ملاح، 11 سالن جي ڌيءُ بيبي ملاح، سندس پٽ 13 سالن جو نثار احمد، 18 سالن جو محبوب ملاح، 23 سالن جو شهزادو ملاح ان جي گهر واري نسيم خاتون ۽ 10 سالن جو نينگر پيارو پٽ حسن ملاح سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن فوري طور زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي سمورن زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. علاج دوران عورت نسيم خاتون زال شهزادو ملاح اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. جڏهن ته اسپتال ۾ طبي سهولتن جي کوٽ سبب زخمين کي ڊرپون لڳائڻ دوران وارٿ ٿيلهيون هٿن ۾ کنيون بيٺا جڏهن ته زخمي اسپتال ۾ تڙپندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي عورت ۽ زخمين جي وارث خدابخش ملاح ٻڌايو ته ڳوٺ ڀرسان اسان جو گونگو مينهون چاريندڙ نينگر ڌنار نثار ملاح رانديڪو کڻي آيو جنهن تي سمورا گهر ڀاتي گڏ ٿيا ته ان دوران بم جو ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ اسان جا 8 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، واقعي بعد ڪو به چونڊيل نمائندو يا پوليس ڪو به نه پهتو، اسپتال پهچڻ تي پوليس پهچي اسان کان معلومات ورتي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ اسان جي هڪ عورت نسيم خاتون ملاح فوت ٿي وئي آهي ۽ واقعي کان پوءِ سڄي ڳوٺ توڙي علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال آهي. هن ٻڌايو ته پوليس کي گهرجي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ته ان ۾ ڪير ملوث آهي ۽ بم جو رانديڪو ڪٿان آيو آهي. ان حوالي سان زخمين جو علاج ڪندڙ ڊيوٽي ڊاڪٽر ٻڌايو ته درگاهه سعيدي موساڻي ڀرسان ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ ۾ ٻارڙا کيڏي رهيا هئا جن کي بال مليو جيڪي گهر کڻي آيا ۽ انهن بال زمين تي هنئي ته گهر ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو آهي. هن ٻڌايو ته زخمين کي سندن وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسپتال کڻائي آيا جن کي طبي امداد ڏني وئي. هوڏانهن اطلاع تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ڌماڪي واري هنڌ جو معائنو ڪري ڳوٺاڻن کان معلومات ورتي ۽ بم ڊسپوزل عملي کي طلب ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون ته ڌماڪي ڪيئن ۽ ڪهڙي شيءَ سان ٿيو آهي ۽ ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ في الحال ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ويهڙ تفصيل پٺاڻ صحافين کي ٻڌايو ته ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 8 ڀاتي زخمي ٿيا آهن جن مان هڪ عورت اسپتال ۾ فوت ٿي آهي ۽ ٻين جو علاج هلندڙ آهي. هن وڌيڪ شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته ملاح برادري جا ٻار مال چارڻ لاءِ ويا هئا جتان درياهه مان بال ٻار گهر کڻي آيا ته گهر ۾ ڌماڪو ٿيو، وڌيڪ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن فوتي عورت نسيم خاتون زال شهزادو ملاح جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو