119

لاڙڪاڻو: گهر جي ڇت مٿان ڪرنٽ لڳڻ سبب 15 سالن جو نوجوان فوت

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ)لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ گهر جي ڇت مٿان گذرندڙ بجلي جي 11 هزار وولٽيج تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 15 سالن جو نوجوان باسط پٽ لياقت علي ٿهيم سڙي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن دوران وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي بجلي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل نوجوان جي پيءُ لياقت علي ٿهيم ٻڌايو ته منهنجو پٽ باسط گهر جي ڇت مٿان گذرندڙ بجلي جي 11 هزار وولٽيج تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿيو جنهن کي اسان فوري طور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس جو طبي معائنو ڪري فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو