ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي فرنچائيز ڪراچي ڪنگز ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۾ معاملا خراب ٿي چڪا آهن، ذريعن مطابق بابر ڪراچي ڪنگز کي ڇڏڻ جو ذهن ٺاهي ورتو آهي، جڏهن ته فرنچائيز کيس راضي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، جيڪڏهن ٻنهي ۾ معاملا بهتر نه ٿيا ته قومي ٽيم جو ڪپتان پي ايس ايل 7 ۾ ٻي ڪنهن ٽيم طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو، هوڏانهن ڪراچي ڪنگز جي ترجمان فيصل مرزا جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ۽ فرنچائيز ۾ معاملا خراب ٿيڻ واريون خبرون افواهه آهن.
