اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جو ٽيزر جاري ٿي ويو آهي، ٽيلي فلم ”ايڪ هي نگار“ ۾ ماهره خان نگار جوهر جو رول نڀائندي نظر ايندي، جڏهن ته اداڪار بلال اشرف به فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، فلم کي هڪ نجي ٽي وي چينل تان ڏيکاريو ويندو، ماهره خان فلم جو ٽيزر شيئر ڪندي چيو ته نگار جوهر جو رول نڀائڻ سندس لاءِ اعزاز آهي، هن چيو ته فلم جي ڪهاڻي بهترين آهي.
