124

قومي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ طلب، افغانستان ۾ڪو به فيوريٽ ناهي، معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين: پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ طلب، پاڪستان چيو آهي ته افغانستان ۾ڪو به فيوريٽ ناهي،معاملن ۾مداخلت نه ڪنداسين، ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو بند نه ٿيندو،صورتحال ڏسون پيا،افغانستان ۾سڀني گروپن کي نمائندگي ملڻ گهرجي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان افغانستان جي موجوده صورتحال کي غور ويچار ڪرڻ لاءِ قومي سلامتي ڪائونسل جو اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾وفاقي وزيرن سميت عسڪري اختياريون شرڪت ڪنديون، افغانستان جي موجوده صورتحال پاڪستان تي ان جي اثرن ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو، هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال کانپوءِ ملڪي سيڪيورٽي حوالي سان محرم الحرام تمام گهڻو حساس آهي،شرپسند عنصر امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا،الرٽ رهيو وڃي،  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾اسان جو ڪو به فيوريٽ ناهي،اندرين معاملن ۾مداخلت نه ڪنداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي،انهن جي قيادت هن وقت سخت آزمائش ۾ آهي، هن چيو ته دعا آهي ته افغان ليڊرشپ امن ۽ استحڪام جي لاءِ وڏو قدم کڻندي،گڏجي مسئلي جو ڪو حل ڪڍيو ويندو، سڀني گروپن کي نمائندگي ملڻ گهرجي،اسان اهو واضح ڪري چڪا آهيون ته افغانستان ۾ اسان جو ڪو به پسنديده ناهي، پاڪستان جو ان معاملي تي ڪردار مثبت ارادو رهندو،جيڪڏهن شڪايت جو جواب شڪايت ۾ڏنو ويو ته پوءِ امن جو مقصد حاصل نه ٿي سگهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو