اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سياسي قيادت جو اهم وفد پاڪستان پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب خصوصي وفد ۾ افغان قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مير رحمان رحماني،اڳوڻو افغان صدر برهان الدين رباني جو پٽ صلاح الدين شامل هو، جڏهن ته اڳوڻي گهرو وزير يونس قانوني، اڳوڻو افغان ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جا 2 ڀائر احمد ضياءَ مسعود ۽ احمد ولي مسعود به شامل هئا، اڳواڻن ۾هزارا ڪميونٽي جا 2 اهم اڳواڻ استاد محقق ۽ ڪريم خليلي،بلخ جو اڳوڻو گورنر سردار عطا نور جو پٽ خالد نور پڻ پهتا، اسلام آباد ايئرپورٽ تي اسپيڪر اسد قيصر ۽ افغانستان جي خصوصي نمائندي محمد صادق استقبال ڪيو،اهم معاملن تي مشورا ٿيندا.
105