116

افغانستان جي صدر تي لعنت هجي،اسان جا هٿ پوئتي ٻڌي ملڪ کپائي ڇڏيو:بچاءُ وارو وزير

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي قائم مقام بچاءُ وارو وزير جنرل بسم الله محمدي اوچتو ملڪ مان فرار ٿيڻ تي افغان صدر اشرف غني تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سوشل ميڊيا تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته افغانستان جي صدر تي لعنت هجي،اسان جا هٿ پوئتي ٻڌي ملڪ کپائي ڇڏيو، هن چيو ته افغان صدر اشرف غني ۽ نائب صدر امر الله صالح اڪابل مان تاجڪستان هليا ويا آهن،اتان ڪنهن ٻئي ملڪ روانا ٿي ويندا، ماڻهن جو اعتماد ختم ڪرڻ لاءِ دشمن پروپئگڊا ڪن پيا،معاملا طئي ٿيڻ تائين ڪابل جي محفوظ ٿيڻ جو يقين ڏياريان ٿو، پرڏيهي فوج افغان فوج جي هر  ممڪن جي مدد لاءِ تيار آهي،اعليٰ افغان قيادت کي ڳالهين سميت سمورا اختيار ڏنا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو