اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪورونا وائرس 67 حياتيون ڳڙڪائي ويو، سنڌ ۾26 فوت، 1399 نوان ڪيس ظاهر. رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3711 نوان ڪيس ظاهر ٿيا،مثبت ڪيسن جي شرح 6.8 سيڪڙو رهي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ڪورونا ڪيسن ۾واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته فيصل مسجد عوام لاءِ بند ڪئي وئي آهي، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 26 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 1399 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 425 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن، اھا ڳالھھ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19059 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 1399 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 7.3 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 26 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 6439 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 5284789 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 412148 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 425 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 358060 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 86.8 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 46649 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 45193 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 1419 مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 37 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 1256 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 90 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 1399 ڪوويڊ ڪيسن مان 830 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ ڪراچي اوڀر ۾324، ڪراچي سينٽرل ۾ 178، ڪراچي ڏکڻ ۾ 154، حيدرآباد ۾ 145، ڪورنگي ۾ 85، ملير ۾ 62، نوابشاھھ ۾ 55، بدين ۾ 45، ڄامشورو ۾ 40، مٽياري ۾ 37، ٿرپارڪر ۾ 33، سانگھڙ ۾ 33، ڪراچي اولھھ ۾ 27، ميرپورخاص ۾ 23، عمرڪوٽ ۾ 21، شڪارپور ۾ 18، سکر ۾ 13، سجاول ۾ 12، ٺٽي ۾ 12، خيرپور ۾ 11، ٽنڊو محمد خان ۾ 10، گھوٽڪيءَ ۾ 10، لاڙڪاڻي ۾ 8، دادو ۾ 5، جيڪب آباد ۾ 4، ڪشمور ۾ 3، ٽنڊو الھيار ۾ 2 ۽ نوشھرو فيروز ۾ ھڪ وڌيڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي. ويڪسينيشن جي حوالي سان انگ اکر ٻڌائيندي وڏي وزير آگاھي ڏني تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 136774 ويڪسين لڳايون ويون آهن ۽ گڏيل طور تي 9257764 ويڪسين لڳايون ويون آھن جيڪي آبادي جو 27.20 سيڪڙو بڻجي ٿو.
