111

شڪارپور پوليس:عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل ٻن ڊرائيورن سميت 3 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

شڪارپور (ويب ڊيسڪ)شڪارپور پوليس ڪجهه هفتا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل خيرپور واسي ٻن ڊرائيورن سميت 3 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي’ ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ خيرپور ميرس مان ڪجهه هفتا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل خيرپور واسي ٻن ڊرائيورن شمن ولد محمد علي چانڊيو ۽ علي محمد پٽ مصري بڙدي کي چڪ جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي، ٻئي طرف شڪارپور پوليس ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪرم پور لاڙي وٽان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل آزاد ڪشمير جي ضلعي ميرپور واسي ساجد محمود ولد محمد تاج راجپوت کي بازياب ڪرائڻ جي پڻ دعوي’ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بازياب ٿيل ساجد محمود جي فرياد تي ڌاڙيلن جهرو بنگلاڻي، شاهنواز ميراڻي ۽ مراد سبزوئي سميت 5 جوابدارن خلاف ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي اغوا ۽ تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح بازياب ٿيل خيرپور واسي ٻن ڊرائيورن جي وارثن ۾ خوشي وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي ۽ سندن امڙين پاران شڪارپور پوليس کي دعائون پڻ ڏنيون ويون، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شڪارپور پوليس پاران ٽارگيٽيڊ آپريشن جي نتيجي ۾ ڏوهارين پاران مغوين مان هٿ ڪڍيا ويا آهن. هن جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ ڏوهن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو