ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڌماڪي ۾مارجي ويلن جو انگ 13 ٿي ويو،7 ڄڻا اسپتال داخل. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون جي مواڇ ڳوٺ ۾ ڌماڪي ۾7 عورتون ۽ 6 ٻارڙا مارجي ويا هئا، جڏهن ته ڌماڪي ۾زخمي ٿيل 7 ڄڻا سول اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا آهن، جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير نعيم الرحمان چيو آهي ته ڌماڪي ۾ معراج خان سواتي جي گهرواري،2 ساليون ۽ ڏهٽو مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڌيءَ زخمي ٿي پئي آهي. هوڏانهن ڌماڪي جي نوعيت جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو، نه ئي وري واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل ڪيو ويو آهي.
