پشاور (ويب ڊيسڪ) طورخم سرحد تي طالبانن قبضو ڪري ورتو،بارڊر سيل ڪيو ويو. رپورٽ موجب باب دوستي گيٽ جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ طورخم بارڊر جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب طالبان ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ بارڊر بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان به پاڪ افغان سرحد سيل ڪري سيڪيورٽي مقرر ڪري ڇڏي آهي.
