سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي آزادي ڏهاڙي تي والاريل ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، رپورٽ موجب معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلم خلاف سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سرينگر ۾پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ آتشبازي جو شاندار مظاهرو پڻ ڪيو ويو آهي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ڪارو ڏينهن ملهايو ويو،ڀارت جي مخالفت ۾نعرا هنيا ويا آهن.
