اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي جون 2 اڏامون افغانستان ۾ڦاٿل پرڏيهين کي کڻي اسلام آباد پهچي ويون آهن، رپورٽ موجب طالبانن جي وڌندڙ ڪنٽرول کانپوءِ پرڏيهين کي ڪڍڻ جي لاءِ پي آءِ اي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، پهرئين مرحلي ۾ڪابل مان 2 خصوصي اڏامن ذريعي پرڏيهي اسلام آباد پهچايا ويا آهن، جڏهن ته پي آءِ اي جون وڌيڪ ڪيتريون ئي اڏامون ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ڪابل مان ماڻهو کڻي اينديون.
