117

دهشتگرد ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته دهشتگرد ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ جي سازشن ۾مصروف آهن پر عوام ۽ حڪومت گڏجي انهن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ئي دم کڻندا سين. بلديه ٽائون ۾ دهشتگردي جي اعليٰ سطحي تحقيقات جي لاءِ خصوصي حڪم ڏنا ويا آهن ۽ انشاءَالله جلد ئي جوابدرن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن لانڍي شير پاءُ ڪالوني ۾ بلديه ٽائون سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي نماز جنازه ۾ شرڪت جي موقعي تي شهيدن جي وارثن ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ساجد جوکيو، وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خاص اقبال ساند، عبدالله مراد، قائم مقام صدر پيپلز پارٽي ضلعو ملير شيخ عديل اختر،  پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ايسٽ جو جنرل سيڪريٽري لالا رحيم، اڳوڻو چيئرمين ڊي ايم سي ملير جان محمد بلوچ، ايم پي سليم بلوچ ۽ ٻيا هن سان گڏ هئا. صوبائي وزير سعيد غني شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ انهن کي يقين ڏياريو. سنڌ حڪومت ان سانحي ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي ئي دم ڏيندي. هن چيو ته دهشتگرد ڪراچي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي پر عوام ۽ حڪومت گڏجي انهن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي دم ڏيندا سين. سعيد غني چيو ته سانحي جي فوري بعد وزيراعليٰ سنڌ امن و امان جي بحالي جي ادارن کي ان سانحي جي اعليٰ سطح جي تحقيقا ت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. هن چيو ته سانحي ۾ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال ۾ هر ممڪن طبي سهولتن جي فراهمي جي به هدايت جاري ڪئي آهي. سعيد غني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر و جميل عطا فرمائي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير اطلاعات ۽ ليبر سعيد غني چيو ته جلد ئي ان سانحي جي پٺيان معاملن ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته دهشتگردن جو نه ڪو مذهب آهي ۽ نه ئي ڪو ملڪ آهي هو فقط انسانيت جا دشمن آهن. هن چيو ته ڪالهه جڏهن پوري قوم پنهنجي آزادي  جو 74 هون جشن ملهائي رهي ان موقعي تي هنن دهشتگردن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو هن ملڪ جا غدار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان سنڌ حڪومت ۽ امن و امان جي بحالي جي ادارن مڪمل سيڪيورٽي پلان جوڙيو آهي ۽ انشاءَ الله محرم دوران اهڙي قسم جو خدا نه خواسته ڪو سانحو نه ٿئي. ان جي لاءِ به گذريل ڏينهن سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو