103

خيرپور جي سڃاڻپ ”کجي“ جو ميوو

ليکڪ: آصف نظاماڻي

خيرپور ضلعو بي حساب قدرتي ذخيرن ۽ قديم ماڳن مڪانن سبب مشهور آهي، هن علائقي ۾ قديم پهاڙ، کجين جا گھاٽا باغ، تاريخي پهاڙي سلسلا، قديم ۽ روحاني درگاهون، قديم درسگاهون، پيراڻيون گاديون، ميراڻا محل، ڪوٽ ۽ قلعا هن ضلعي جي سندرتا ۾ بيحد اضافو ڪن ٿا، هتي جڏهن به پگهر ماڻهوءَ جي مٿي کان وهي ۽ پيرن کان اچي نڪري ته پڪ سمجهو هاڻ خيرپور جي کجي پچي تيار ٿي آهي، جو اهڙن ڪاڙهن جي ڏينهن ۾ ئي کجي پچندي آهي ۽ هتان جي ماڻهن کي به پچائيندي آهي، گرمي جي زهر کان بچڻ جي لاءِ هر عمر جو ماڻهو پنهنجي بت تي تيل ۽ ميٽ هڻي ٿڌڪار ماڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڪثر ڪري ماڻهن کي لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ آرايون نڪري پونديون آهن، هتان جا ننڍڙا ٻار اڪثر پنهنجي هٿن سان وڏي چاهه منجهان پنهنجن کيسن مان ڏنگ ۽ ڏوڪا وڏي شوق سان پيا کائيندا آهن. خيرپور جيئن ته هن موسم ۾ کجين جي مارڪيٽ بڻيل آهي ۽ دنيا سڄي گهمڻ ڦرڻ کانپوءِ به هي علائقو پنهنجي کجين واري مٺاس ۾ ٿي سگهي سڀني علائقن کان گوءِ کڻندي نظر اچي ٿو. کارڪ هڪ اهڙو ميوو آهي، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ خاص طور تي موجود آهي، هن شاهڪار ميوي جو ذڪر قرآن مجيد ۾ ڪيترين ئي آيتن ۾ بيان ٿيل آهي، هن ميوي متعلق خاص اسٽڊي ڪرڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته هن جو ڦهلاءُ (خليج فارس) يعني عراق، ايران، عربستان ۾ جَجھي مقدار ۾ ملي ٿو ، سنڌ جي سينڌ تي نَوَ لکي هار جيان چمڪندڙ ضلعي خيرپور ۾ ججهي مقدار ۽ گهڻي ايراضي تي کجي جو هي ناياب فصل پوکيو وڃي ٿو، هڪ اندازي ۽ تحقيق موجب خيرپور جي باغن ۾ 100 کان مٿي مختلف جنسون پوکيون وڃن ٿيون، جيڪي بعد ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ايڪسپورٽ به پڻ ڪيون وڃن ٿيون، کجيءَ جي برآمد ٿيڻ سان هتان جي اقتصاديات کي خاص فائدو رسي ٿو، کجي گرم علائقي جو وڻ آهي جنهن کي خشڪي ۽ خاص طور تي گرميءَ جي گهڻي ضرورت هوندي آهي، ڇو جو جيتري گرمي گهڻي هوندي ۽ پاڙ منجهه پاڻي بهتر هوندي ته اوترو ئي کجيءَ جي پوک لاءِ بهتر هوندو آهي، کجيءَ جي فصل جي پوک وارياسي ۽ لٽاسي زمين منجهه تمام بهترين ٿيندي آهي، جڏهن ته چيڪي لٽاسي زمين به پڻ بهتر ۽ موزون آهي. خيرپور جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هينئر پڙن سجائڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، خيرپور جي ڀرپاسي وارن علائقن کان آيل مزودر پنهنجي خاص اوزارن سميت هتي پهچي چُڪا آهن، آئون خيرپور جي کجيءَ جي پوک کي هڪ آرٽ چوان ٿو، کجي پوکڻ، کجيءَ جو ميوو لاهڻ، ان کي هڪ خاص طريقي سان پچائڻ ۽ مَنڊيءَ ۾ پهچائڻ جو هڪ پنهنجو رومانس آهي، خيرپور ۾ لکين ايڪڙ تي پوکيل کجيءَ جي فصل جي تياريءَ ۾ ڪتب ايندڙ کارا ٺاهڻ لاءِ ڀريا، ٺٽو، ڪنڊيارو، دولتپور، مورو، آمري، محبت ديرو، نوابشاهه، ميرپورخاص، حيدرآباد، ڳاڙهي موري ۽ ٻين علائقن مان سوين لاڏائو خاندان خيرپور ۾ پهچي ويا آهن، جن خيرپور ضلعي جي لنڪ روڊن ۽ شهرن ۾ خاص طور تي ميرواهه ۽ روهڙي ڪئنال ڀرسان پنهنجا عارضي ڪکاوان گهر جوڙي، کارا ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، کارا ٺاهڻ واري هڪ پورهيت سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ٻڌايو ته وٽن هيءَ ڪرت ابن ڏاڏن کان آهي ۽ هو هن ڪرت مان پنهنجن وڏڙن کان فيضياب ٿيا آهن، جيڪا هنن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجن وڏڙن کان سِکي آهي، هر سال اهي کجيءَ جي موسم ۾ خيرپور اچن ٿا ۽ کارا ٺاهي مختلف جاين تي وڪري لاءِ رکن ٿا، جتان سندن روزي ٿيو وڃي، کارا ٺاهڻ وارو پورهيت شديد گرمي هجڻ جي باوجود پنهنجي کارا ٺاهڻ واري ڪرت جاري رکي ٿو، ننڊ مان اکيون کوليندي ئي اهي پورهيت سانجھيءَ تائين کارن ٺاهڻ جو ڪم جاري رکن ٿا،  خيرپور جون کارڪون پنهنجي عاليشان مٺاس ۽ موهيندڙ ذائقي جي ڪري ايتريون ته مشهور آهن جو جنهن به جڏهن به انهن کي چکيو يا کاڌو ته هو انهن جي محبت ۾ موهجي ويندو آهي، کارڪون هڪ اهو سخي ميوو آهي جيڪو نه صرف لاڏائو ماڻهو ۽ هتان جا رهواسي کائين ٿا پر سڄي دنيا جا ماڻهو به هن ميوي جو مزو ماڻين ٿا، منهنجي دعا آهي ته شال خيرپور جون کارڪون پوري دنيا ۾ اوج ماڻين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو