ليکڪ: دانش نبي بخش شر
ڪربلا جي جنگ ۾ جتي حبيب بن مظاهر اسدي رضي الله عنه جهڙي سن رسيده بزرگ صحابيءَ وقت جي امام جي اطاعت ڪندي دين جي سر بلنديءَ خاطر پنهنجو سر نثار ڪيو اتي حضرت سيدالشهداءَ امام حسين عليه السلام جي ڇهن مهينن جي لخت جگر، نور نظر حضرت علي اصغر عليه السلام به پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ڪربلا جي شهيدن جي صف ۾ شامل ٿيو، مقتل جي ڪتابن مان صرف مناقب شهر آشوب ۾ ان جو نالو ”علي اصغر“ جو ذڪر ٿيو آهي، مقتل جي ڪتابن ۾ امام حسين عليه السلام جي ان معصوم، ٿڃ پياڪ ۽ ابهم ٻچڙي جو نالو عبدالله به ڄاڻايو آهي، جهڙي طرح زيارت ناحيه ۾ آهيته عليٰ عبدالله بن الحسين، الطفل الرضيع. . . (سلام هجي امام حسين عليه السلام جي ٿڃ پياڪ ٻچڙي عبدالله تي. . . ) حضرت سيدالشهداءَ امام حسين عليه السلام جڏهن اسلام جي تجديد حيات ۽ نصرت خاطر مديني مان مڪي طرف نڪتا هئا ته ان وقت سندس هن فرزند جي عمر چوڏهن (14) ڏينهن هئي، ڪن جو چوڻ آهي ته ان جي ولادت عاشور جي ڏينهن ڪربلا ۾ ٿي هئي.(فرسان الهيجآءِ) ابوالفرج ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته حضرت علي اصغر (ع) جي والده ”ام رباب“ هئي جيڪا امرءُ القيس بن عدي ڪلبي جي ڌيءَ هئي، هي امرءُ القيس، امرءُ القيس بن حجر ڪندي محسور شاعر کان سواءِ هو، اها ساڳي ئي جيجي سائنڻ سيده سڪينه بنت الحسين جي به امڙ هئي. هي اها بي بي هئي جيڪا ڪربلا جي معرڪي کان پوءِ مديني موٽي نه آئي پر هڪ سال تائين حضرت سيد الشهداءَ عليه السلام جي مزار مبارڪ تي مجاور ٿي ويهي رهي. اهو سمورو عرصو نه ڪنهن ڇت هيٺان ويٺي نه ئي ڪنهن ٻي ڇانو هيٺ!! آخر ڪار هڪ سال بعد پنهنجي شوهر نامدار جي دردناڪ شهادت کي ساريندي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. (زندگاني امام حسين ،ص464) مرحوم شيخ مفيد عليه الرحمه لکي ٿو ته عاشور جي ڏينهن امام حسين عليه السلام پنهنجي خيمي جي اڳيان ويٺو هو. ان دوران سندس ٿڃ پياڪ پٽ جنهن جو نالو عبدالله (علي اصغر) هو، آڻي امام جي خدمت ڇنو ويو، جيئن ئي امام عليه السلام ان کي ورتو ته بني اسد جي هڪ شخص، معصوم طرف نشانو وٺي هڪ تير چٽيو جنهن جي لڳڻ سان اهو معصوم ٻار امام عليه السلام جي هٿن ۾ ئي شهيد ٿي ويو، هشام بن محمد ڪلبي کان روايت ڪئي اٿن ته عاشور جي ڏينهن جنهن وقت امام عليه السلام خيمي جي اڳيان ويٺو هو ته اوچتو خيال ٿڃ پياڪ پٽ ڏانهن ڇڪجي ويس، جيڪو اڃ جي شدت وچان روئي رهيو هو. ٻارڙي کي هٿن تي کڻي دشمن جي لشڪرين کي مخاطب ٿي فرمائڻ لڳو ته ڪوفيو! توهان مون تي ڀلي رحم نه ڪريوپر هن ابهم ٻارڙي تي ته ڪريو! ان دوران هڪ شخص معصوم کي پنهنجي تير جو نشانو بڻايو جنهن جي لڳڻ سان ٻارڙو امام (ع) جي هٿن تي ئي شهيد ٿي ويو، نفس المهموم واري لکيو آهي ته امام عليه السلام ٻارڙي کي هٿن تي کڻي اڃا گفتگو ۾ مصروف ئي هو ته اوچتو حرمله نشانو وٺي هڪ تير چٽيو جيڪو علي اصغر عه کي ڳلي ۾ لڳو، جنهن ڪري معصوم جي ڳل مان خون ڦوهارو ڪري وهڻ لڳو جيڪو امام عليه السلام هٿ ۾ کڻي آسمان طرف اڇلايو، (معالي السبطين، ج1، ص423) اها حالت ڏسي امام عليه السلام آسمان ڏي منهن ڪري ٻاڏائي عرض ڪرڻ لڳو ته اي خدا! اسان جو تون انصاف ڪر، هنن مونکي ته مدد جي پڪ ڏئي گهرايو هو پر الٽو مون سان ئي وڙهيا آهن!! ابن نما جو چوڻ آهي ته امام عليه السلام ان شهيد ٻارڙي جي مڙھه کي اهل بيت جي ٻين شهيدن سان گڏ ڪربلا جي خاڪ تي رکي ڇڏيو، محمد بن طلحه ڪتاب ”مطالب السؤل“ ۾ ڪتاب ”الفتوح“ مان نقل ڪندي لکي ٿو ته امام عليه السلام پنهنجي ترار سان ننڍڙي قبر کوٽي سپرد خاڪ ڪري ڇڏيو.
هي جو چيم هاءِ اصغر جو حال،
تير سين گهايو ڳلو ڪڙتو ٿيو لوهوءَ سين لال.
بابي جي هنج مئون لهي آيو امان جو نونهال،
منهن ڏسي جيجل چوي قدرتِ قادر ڪمال
ساقي ڪوثر جو پٽ پاڻي گهري پٽ جي ڪاڻ،
پاڻي نه ڏين هو پليد رڻ ۾ ڪهن سڀ رهاڻ.
(سيد ثابت علي شاھه ڪربلائي)