108

ڪورونا کانپوءِ واري دنيا ۾ پاڻ کي ڪيئن متعارف ڪرائجي؟

ليکڪ: سحر ارشد

ڪورونا وائرس سبب لڳل لاڪ ڊائون ۽ ٻين پابندين ۾ آهستي آهستي نرمي اچي رهي آهي، اهو ئي اهو وقت آهي جڏهن اسان مان اڪثر ماڻهو اهو سوچي پريشان ٿي رهيا آهن ته جڏهن اهي پابنديون مڪمل ختم ٿي وينديون ته ڇا ٿيندو؟ رڳو اهو ئي نه پر پنهنجي سماجي زندگي کي ٻيهر شروع ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم نظر اچي رهيو آهي، ان وبا جي شروعات ۾ پابنديون عارضي طور تي لڳايون ويون هيون اهي هاڻ ڪيترن ئي حوالن سان مستقل لڳي رهيون آهن، پابندين دوران اسان گهرن ۾ بند ضرور هئاسين پر زندگي روان دوان هئي، ان عرصي ۾ ماڻهن پنهنجي سالگرهه ملهائي، شاديون ڪيون، ڪيترائي شاگرد گريجوئيٽ ٿيا ته ڪيترن ئي ماڻهن وري گهرن مان نين نوڪرين جي شروعات ڪئي، اسان هڪ طرف ان وبا هٿان پنهنجي عزيزن کي وڃايو ته ٻئي طرف ننڍڙن مهمانن کي خوش آمديد چيو، هاڻ جڏهن اسان ٻيهر سير ۽ تفريح ڪرڻ ۽ ريسٽورينٽس ۾ کاڌو کائڻ لاءِ بي تاب آهيون ته گڏوگڏ ائين به لڳي ٿو ته پنهنجن پيارن سان ملڻ ايترو آسان نه هوندو، وبا دوران 19 ورهين جي فواد (فرضي نالو) جي يونيورسٽي جي تعليم جي آن لائن شروعات ٿي، هن بلوغت ۽ آزادي طرف سفر جي شروعات پنهنجي ڪمري مان ئي ڪئي، فواد جو چوڻ هو ته سماجي فاصلي دوران آئون ماڻهن سان گڏ ڪورونا کان اڳ جهڙا رابطا برقرار نه رکي سگهيس، ماڻهن سان بالمشافا ملاقات نه ڪرڻ سان منهنجي ماڻهن سان ملڻ جلڻ واري صلاحيت تي اثر پيو، مون کي معلوم نه آهي ته آئون اڳ جيان ماڻهن سان ملي جلي سگهندس يا نه، گذريل سال دوران ماڻهن جي عادتن ۽ سماجي ترجيحن ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون اهو ان جو هڪ مثال آهي، عزه لاءِ ان وبا جو مطلب هو ته ان کي ڪاليج، انٽرن شپ ۽ دوستن سان گڏجي گهمڻ ڦرڻ بنا به متحرڪ رهڻو هو، هوءَ چوي ٿي ته جڏهن آئون لاڪ ڊائون دوران پاڻ کي فعال نه رکي سگهيس ته آئون ان حوالي سان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون کي معلوم ٿيو ته آئون اٽينشن ڊيفيسٽ هائيپر ايڪٽيوٽي ڊس آرڊر (اي ڊي ايڇ ڊي) جو شڪار آهيان، آئون پاڻ کي نيورو ٽيپيڪل انداز ۾ ڏسي نٿي سگهان پر ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ مون هڪ سال دوران 5 سالن جو عرصو گذاري ورتو آهي. هن وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هن پنهنجي پاڻ کي پنهنجي خاندان ۾ ٻيهر متعارف ڪرايو، هوءَ چوي ٿي ته هوءَ باهمي لاڳاپن جي بدلجندڙ حرڪتن مان پريشان هئي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته آئون ان حوالي سان تمام حساس آهيان ته ڪو مون تي رحم ڪري پر منهنجي ڪجهه دوستن ان موقعي جو فائدو وٺندي مون کي ٻين کان مختلف سمجهڻ بدران مون کي وڌيڪ بهتر طريقي سان ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، سماجي فاصلي جو عرصو جتي ڪجهه ماڻهن لاءِ غم ۽ دٻاءُ ۽ محرومي جي احسان جو مجموعو هو اتي ٻين وٽ ڪجهه دير لاءِ بيهڻ ۽ وقفو وٺڻ جي سهولت موجود هئي، پر اهي تجربا انفرادي هئا ۽ هڪٻئي سان مختلف به هئا. دپتي سولانڪي برطانيا ۾ رهندڙ گريف اسپيشلسٽ ۽ ٽرانسفارميشنل ڪوچ آهي، هن گذريل سال کي وساري اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي عزيزن سان لاڳاپن کي ٻيهر قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه معاملن تي روشني وڌي آهي. هن جو چوڻ آهي ته وبا پاڻ سان گڏ وڏي تبديلي کڻي آئي آهي ۽ ڪنهن به تبديلي دوران ڀلي اها مثبت هجي يا منفي ماڻهن ۾ محرومي ۽ غم جي احساس جو امڪان موجود رهي ٿو، دپتي پاڻ کي دنيا آڏو ٻيهر متعارف ڪرائڻ جا ڪجهه طريقا به ٻڌائي ٿي جيڪي ان عمل کي هر ممڪن حد تائين درست ۽ آسان بڻائي ڇڏيندا آهن، هن موجب پهريون مرحلو پنهنجي احساسن کي تسليم ڪرڻ، انهن بابت جيڪڏهن ڪا شرمندگي آهي ته ان کي ختم ڪرڻ ۽ اهو ڄاڻڻ آهي ته توهان اڪيلا نه آهيون، پنهنجن جذبن ۽ اضطراب کي سمجهڻ به تمام ضروري آهي. دپتي سولانڪي جو چوڻ آهي ته شروعات ۾ ماڻهن سان انفرادي طور تي ملاقات ڪيو ته جيئن وڌيڪ ماڻهن سان ملاقات جي دٻاءُ کي گهٽ ڪري سگهجي، جيڪڏهن ڪنهن ڪم جي اجازت موجود آهي ته ان جو اهو مطلب نه آهي ته ان کي فوري طور تي انجام ڏنو وڃي، پنهنجي عزيزن سان ٻيهر ملڻ لاءِ جيترو وقت کپي اوترو وقت وٺو ۽ ديانتداري سان ڳالهه ٻولهه ڪيو، ڳالهه ٻولهه جو موضوع اهو به ٿي سگهي ٿو ته توهان لاءِ لاڪ ڊائون جو ڇا مطلب هو؟ توهان ڪهڙين شين جو تجربو ڪيو ۽ ڪهڙين شين کي ياد ڪيو، اهڙيون مثبت ڳالهيون جيڪي توهان کي تلخ محسوس ٿين انهن کي ڇڏي جذباتي سچائي کي اختيار ڪريو. معاملن کي جتي ڇڏيو هو اتان کان ئي اڳتي وڌائڻ جي اميد کي ترڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي صورتحال ۾ قدرتي طور تي معاشري سان ٻيهر جڙي سگهندئو. انصر (فرضي نالو) هڪ 52 ورهين جو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي، لاڪ ڊائون ان تي ڪيتريون ئي شيون منڪشف ڪيون، هو چوي ٿو ته ان کان اڳ وبا سان منهنجو تعارف صرف ڪتابن ۽ فلمن ذريعي ٿيو هو، مون ڪڏهن نه سوچيو هو ته آئون ڪنهن اهڙي وبا جو تجربو ڪندس جيڪو 7 ارب انسان کي متاثر ڪري رهي هوندي، بدقسمتي سان منهنجي ٻن عزيزن ان وبا سبب پنهنجي زندگي وڃائي،  ان وبا اسان کي احساس ڏياريو آهي ته اسان جي زندگي کي ڪيترا خطرا لاحق آهن ۽ غير يقيني سبب پيدا ٿيندڙ دٻاءَ ڪنهن قدر جان وٺندڙ هوندو آهي، مون اهو وقت پنهنجي ٻارن سان گڏ تعلق مضبوط ڪرڻ ۽ زندگي بابت غور ۽ فڪر ڪرڻ ۾ گذاريو، ڇو ته مستقبل بابت منهنجي منصوبابندي ڪرڻ ته لاحاصل نظر اچي رهي هئي. جن ماڻهن لاڪ ڊائون دوران پنهنجي مائٽن کي وڃايو آهي انهن کي شايد شديد اضطراب جو منهن ڏسڻو پوي خاص طور تي انهن کي جن کي ان غم سان اڪيلو منهن ڏيڻو پيو هجي. 20 سالن جي صبا (فرضي نالو) يونيورسٽي جي شاگردياڻي ۽ هڪ گرافڪ ڊيزائينر آهي، لاڪ ڊائون دوران هن جي ڏاڏي ڪورونا جو شڪار ٿي لاڏاڻو ڪري وئي، هوءَ چوي ٿي ته گهر ۾ اڪيلو غمگين رهڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي پر منهنجي لاءِ ڪنهن اهڙي شخص بنا ان عام زندگي طرف موٽڻ تمام مشڪل آهي ۽ اهو منهنجي لاءِ تمام اهم به هو. ماضي جي طرز عمل تي واپسي جي خوشي ملهائڻ جو هڪ سبب پنهنجي نوڪري، روزگار ۽ پنهنجي سپورٽ سسٽمز تائين رسائي ٿي سگهي ٿي، صبا چوي ٿي ان صورتحال جي ڊگهي مدي وارن ذهني ۽ معاشي اثرن کي سمجهڻ ضروري آهي. سعديه هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ ڪم ڪندي آهي، هوءَ چوي ٿي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ به منهنجو ماڻهن سان ملڻ جو ڪو ارادو نه آهي، ڇو ته ڪورونا اڃا به موجود آهي، منهنجي لاءِ ”ورڪ فرام هوم“ جي سهولت ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي، ڇو ته ڪم ڪرڻ سان گڏ آئون پنهنجي ٻارن جي سار سنڀال به ڪري سگهان ٿي، ماڻهن کي اڃا به ايس او پيز جي اهميت جو اندازو نه ٿيو آهي ۽ هاڻ جڏهن انهن وٽ گهڻو وقت آهي ته هو ٽائيم مئنجمينٽ به وساري چڪا آهن. هوءَ چوي ٿي ته منهنجي عزيزن مان تقريبن ويڪسينيشن ڪرائي ورتي آهي پر وائرس جي متاثر هجڻ جو خطرو اڃا به موجود آهي ڇاڪاڻ ته اڃا ٻارن لاءِ ڪا ويڪسين متعارف نه ٿي آهي، آئون پنهنجي ٻارن کي ڪنهن خطري ۾ وجهڻ نٿي چاهيان، جيڪڏهن منهنجو ٻار نه هجي ها ته شايد صورتحال مختلف هجي ها پر هاڻ ته ان کي گهمائڻ وٺي وڃڻ واري سوچ مان به مون کي خوف ٿو ٿئي. سعيده وڌيڪ چيو ته آئون اميد ئي ڪري سگهان ٿي ته منهنجي ان رويي سان منهنجي ٻار جي سماج ۾ گهلڻ ملڻ سان متعلق صلاحيت ختم نه ٿيندي، شڪر آهي ته ان وبا ۾ زندگي گذارڻ باوجود هو جن ڪجهه ماڻهن سان مليو آهي انهن سان سٺي نموني رلي ملي ويو آهي، ان ڪري مان وڌيڪ ماڻهن سان ملڻ جي حوالي سان هاڻ مطمئن نه آهيان. دپتي سولانڪي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان پاڻ کي ماضي جي نسبت مختلف محسوس ڪريو ٿا ته ان ۾ ڪا به اچرج جي ڳالهه نه آهي، توهان سان گڏ هي دنيا به تبديل ٿي چڪي آهي، نارمل جي ڳولا جو مطلب اهو آهي ته ماضي ۾ توهان جن ماڻهن کي سڃاڻيندا هئا، اهي توهان کي ۽ توهان انهن کي ان طرح نه سمجهي سگهو جيئن ماضي ۾ سمجهندا هئا، ڪو به شخص پنهنجي تجربن مان ڪهڙي طرح اڀرندو آهي ان جو دارومدار ان تي آهي، اسان صرف اميد ئي ڪري سگهون ٿا ته اها نئين دنيا اڳ کان وڌيڪ مهربان، ٻين کي قبول ڪرڻ واري ۽ راودار هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو