123

هڪ خواب ۽ ان جي حاصلات…

ليکڪ: واجد علي ميمڻ

انسان نهايت ئي شاندار مخلوق آهي. هو جيڪو ڪجهه چاهيندو آهي، اهو ڪندو آهي. انسان جي انهيءَ عظمت جو سبب اُنهيءَ جي کوپڙي ۾ موجود دماغ آهي. هونئن ته انسان انهيءَ عظيم ۽ انيڪ دولت (دماغ) جو استعمال گهڻو اڳ شروع ڪري ڏنو هو جنهن دور ۾ ٻن پٿرن جي وچ ۾ گاٺ (Friction) پيدا ڪري باهه کي ٻارڻ، غارن ۾ گهر ٺاهڻ ۽ اُن کان به وڌيڪ مختلف قسمن جي ساهه وارين شين جو شڪار ڪري سندس زندگي برقرار رکڻ هو. جيئن ته انساني دماغ هميشه کان خوبين جو خزانو رهيو آهي، جنهن مان هڪ عظيم خوبي خيالي دنيا کي حقيقي دنيا ۽ غير وجودي شين کي وجود ۾ آڻڻ آهي، جنهن جو ٻيو نالو ”خواب“ آهي. خواب هڪ اهڙو پکي آهي، جيڪو دنيا جي هر دور ۽ هر عمر جو ماڻهو پنهنجي پنهنجي اڱڻ تي محسوس ڪندو آهي ۽ اُنهيءَ کي ڦاسائي پنهنجي پڃري ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. خواب جذبن جي دنيا جو مقصد هوندو آهي، جيڪو فقط سخت محنت ۽ لڳاتار جدوجهد ۽ اندر جي انقلاب کي زندهه ڪرڻ سان ملندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اڄ جو نوجوان خوابن جي تصور کي صرف ننڊ تائين محدود رکي ٿو ۽ اُنهيءَ کي پنهنجي ڪُل ڪائنات سمجهي ٿو جيڪو سراسر پنهنجو پاڻ سان فريب ۽ دوکو آهي ۽ شايد انهيءَ ڪري ڊاڪٽر عبدالڪلام چئي ويو آهي ته ”خواب اُهو ناهي هوندو، جيڪو ننڊ ۾ اچي پر خواب اُهو هوندو آهي جيڪو ننڊ ڪرڻ نه ڏئي“ هن عجيب ۽ حيران ڪندڙ دنيا ۾ هر هڪ انسان خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ مختلف رستا اختيار ڪندو آهي، هڪڙا اُهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي خوابن کي خيالن تائين محدود ڪندا آهن ۽ ٻيا اُهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي خوابن کي حقيقي دنيا ۾ ڏسڻ پسند ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هي سڀ معاملو يقين تي دارومدار رکي ٿو. مثبت رويو هڪ قوت تي دارومدار رکي ٿو، جنهن هنر کي روشني ڏيڻ لاءِ توانائي جي ضرورت هجي ٿي. جڏهن اوهان يقين ڪريو ٿا ته مان انهيءَ ڪم کي سرانجام ڏئي سگهان ٿو ته پوءِ اُنهيءَ ڪم کي ڪرڻ جي واٽ ملي پوندي آهي، روزانو دنيا ۾ نوجوان نوان نوان ڪم شروع ڪن ٿا. انهن نوجوانن مان هرڪو چاهي ٿو ته هو ڪاميابيءَ جي آخري منزل تائين پهچي پر انهن منجهان رڳو ٿورڙا ماڻهو ئي ڪاميابيءَ جي آخري منزل تي پهچي وڃن ٿا، ڇو ته انهن ۾ اڪثر نوجوان ان ڳالهه تي پڪو پختو ويساهه ڪونه رکندا آهن ته اُهي ڪاميابيءَ جي چوٽيءَ تي پهچي ويندا، اهي ڪاميابيءَ کي ناممڪن سمجهندا آهن، انهيءَ ڪري انهن کي اُها واٽ ئي نه ملي سگهندي آهي، جيڪا ڪاميابين جي بلندين ڏانهن وٺي ويندي آهي،  اهڙي طرح اهي ٺوس يقين سان ڪاميابيءَ جي منزل تي پهچي وڃن ٿا. هر هڪ انسان چاهيندو آهي ته هن وٽ هڪ بهترين زندگي جو معيار هجي پر انهن سڀني شين کي حاصل ڪرڻ کان اڳ هن کي پنهنجو پاڻ کان ڪجهه سوال پڇڻ گهرجن ته ڇا اسين پنهنجن خوابن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪنداسين؟ پنهنجو قيمتي وقت پنهنجن خوابن مٿان قربان ڪنداسين؟ پنهنجي زندگيءَ جي ڪجهه حصي کي خوابن جي مٿان ترجيح ڏينداسين؟ هي سڀ سوال پاڻ کان ضرور ڪرڻ گهرجن، ڪوشش ڪري ڏسو ڪيئن شاندار نتيجا اچن ٿا، اڄ جي هن جديد ۽ سائنس واري دور اندر جيئن جيئن دنيا پنهنجا قدم ڪاميابيءَ طرف پختا ڪري رهي آهي، تيئن تيئن اُنهيءَ ڪاميابيءَ جو بنهه حصو سندس نقصان به رسائي رهيو آهي، اڄ جو نوجوان جديد ٽيڪنالاجيءَ مثال طور واٽس ايپ، فيس بُڪ، يوٽيوب وغيره جو غلط استعمال ڪري پنهنجي پاڻ کي اهڙيءَ طرح ڦاسائي ڇڏي آهي جهڙيءَ ريت مڇي هڪ مضبوط ڄار ۾ ڦاسي پوندي آهي، اُهي نوجوان جيڪي انهيءَ قسم جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن، تن جا خواب صرف خيالن تائين محدود رهن ٿا، اهڙن نوجوانن کي کپي ته هو سخت کان سخت محنت ڪن ۽ پنهنجي مقصد کي سڃاڻين، انهن لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي گفتگو ۽ ذهن مان لفظ ”ناممڪن“ ڪڍي ڇڏين، لفظ ”ناممڪن“ ناڪاميءَ جو لفظ آهي، پنهنجي محنت تي يقين رکو ته توهان ضرور ڪامياب ٿيندئو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جو دارومدار نوجوانن تي هوندو آهي ۽ انهن جي انهيءَ ڳالهه تي هوندو آهي ته هو ڪيترا پڙهيل لکيل ۽ محنتي آهن ۽ ڪيترا نه آهن، ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ مسئلن کان نه ڀڄو. هڪ پيشيور فاتح بڻجو، جيڪو پنهنجي ڪمزورين ۽ غلطين کي مڃيندو آهي ۽ پوءِ انهن کي درست ڪندو آهي. اوهان کي ڪاميابيءَ تائين پهچڻ جي لاءِ سوچڻ گهرجي ته اوهان ايترا ئي مڪمل آهيو، جيترو هڪ انسان جي لاءِ مڪمل ٿيڻ ممڪن آهي، پنهنجو پاڻ کي هڪ آئيني ۾ رکي ڏسو ۽ پنهنجي ڪمزورين جو جائزو وٺو. عظيم اداڪارا رائز اسٽيون جو چوڻ آهي ته منهنجي زندگيءَ جي اڻوڻندڙ واقعن مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو، شروع ۾ مان نهايت ناڪام اداڪارا هيس پر جڏهن مون پنهنجي غلطين کي مڃيو ۽ انهن جي اصلاح ڪئي ته مان بهترين اداڪارا بڻجي ويس. اهڙي طرح نوجوانن کي گهرجي ته هو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻين ۽ پنهنجو قدر ڪن، ڇاڪاڻ ته هيءَ زندگي انمول آهي، جيڪا وقت جيان صرف هڪ ڀيرو ملندي آهي، مون کي يقين آهي ته جنهن ڏينهن اسين سڀ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي وٺنداسين ڏهن دنيا به اسان کي سڃاڻيندي ۽ اسان جو قدر ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو