106

”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ ڪتاب جو جائزو…

ليکڪ: شھزادو شيخ

سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون ڪتاب سنڌي ادب جي سينيئر ليکڪ ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر غلام رسول سومري جو پنهنجي زندگيءَ جي يادگيرين جو هڪ خوبصورت ۽ دلڪش داستان آهي. هن پنهنجي يادگيرين کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، ڊاڪٽر غلام رسول سومرو ٻاروتڻ جي زندگيءَ کان وٺي جوانيءَ تائين هن ڪتاب ۾ لاڳاپيل قصا ڪهاڻيون لکي هڪ باب رقم ڪيو آهي، ڊاڪٽر صاحب ننڍ پڻ کان وٺي سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي زندگيءَ جا يادگار لمحا سٺي انداز ۾ پيش ڪيا آهن، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ کي خوبصورت نموني بيان ڪيو آهي، لاڙڪاڻي شهر جي تاريخي ماڳن مڪانن ۽ آثارن کي هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب قلمبند ڪيو آهي، جن ۾ لاڙڪاڻي جون عمارتون، روڊ رستا، باغ اسڪول ۽ بازاريون شامل آهن. سنڌو ڪناري ساروڻيون ۾ گهڻو ذڪر گهاڙ واھه جو ٿيل آهي. گهاڙ واھه کي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ساھه ۾ سمايو آهي، جنهن سان سندس گهڻيون يادون وابستا آهن، ڊاڪٽر صاحب لاڙڪاڻي جي تاريخ کي سھڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، لاڙڪاڻو سنڌ جي شهرن ۾ تاريخي اهميت رکي ٿو، ڪنهن دور ۾ لاڙڪاڻي شهر کي باغن جو شهر به سڏيو ويندو هو. هن وقت به انهن مان ڪجهه باغ لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن، جن جا پراڻا نالا مٽائي نوان نالا رکيا ويا آهن. اهڙن باغن ۾  گيان باغ، تجر باغ، راڻي باغ، بولس باغ ۽ ريالي باغ شامل آهن، ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر غلام رسول سومرو پنهنجي ساروڻيون جي ڪتاب ۾ سنڌو درياهه جي اوج جو به ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي هڪ مثالي زندگي آهي جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ محنت ۽ جدوجهد ڪري هڪ اهم پيغمبري واري پيشي درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. هن شخص مختلف هنڌن تي ملازمتون ڪيون، هن جاکوڙي انسان انهن تڪليفن ۽ ڏکن سان ڀرپور مقابلو ڪيو، الله پاڪ کيس ڪيل محنت ۽ جدوجهد جو مٺو ڦل ڏنو، ڊاڪٽر غلام رسول سومرو ڪراچي جي هڪ ڪاليج مان سنڌي سبجيڪٽ جي پروفيسر جي حيثيت سان رٽائرمينٽ ورتي. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به هن 77 سالن جي عمر تائين به پنهنجو علمي قلمي ڪم جاري رکيو آهي. هن جي پي ايڇ ڊي به ضلعي ”لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ-ورهاڱي کان اڳ“ جي موضوع تي ٿيل آهي، سندس سڃاڻپ هڪ محقق واري به آهي، ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر احسان دانش صاحب لکيو آهي ته ”ساروڻيون انسان جي زندگيءَ جو انمول سرمايو آهي“ خاص طور ڪنهن به انسان جي ٻالڪپڻي جون يادگيريون حسين هونديون آهن، ڊاڪٽر غلام رسول سومرو نج ٻهڙاري جي به زندگي گذاري آهي، ان کانپوءِ آهستي آهستي شهرن ڏانهن لڏي آيو، گهڻو وقت لاڙڪاڻي ۾ گذاريو، سندس گهڻي دلچسپي ادب سان رهي آهي، سندس افسانوي ادب ۾ قصو، ڊرامو، ڪھاڻيون ۽ واقعات نگاري ادب جا موضوع آهن، جن سان گهڻو چاھه آهي، ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي لکيل ڪتاب ”سنڌو ڪناري ساروڻيون“ ۾ لاڙڪاڻي جي باغن بابت تمام سٺي ڄاڻ ڏني آهي، انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا،  لاڙڪاڻي جو گيان باغ لاڙڪاڻي جي مڙني باغن مان ڪشادو ۽ خوبصورت هو، خاص ڳالهه ته ھي باغ مخير ۽ محنتي ماڻهو گيانچند جو لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ هڪ تحفو ھو، لاڙڪاڻي جي هن فقير منش لاءِ چيو وڃي ٿو ته گيانچند پنهنجي والد جي ديھانت کان پوءِ مالي مشڪلات سبب بدحالي جو شڪار ٿي پيو پر هن پنهنجي زندگي جي سفر ۾ ڪاروبار تي خاص ڌيان ڏيندي بيٽرين جو دڪان کوليو، جتان وڏو فائدو حاصل ٿيو ۽ چڱي ترقي ڪئي، لاڙڪاڻي جو تجرباغ لاڙڪاڻي جو تاريخي باغ جنهن کي هاڻي جناح باغ سڏيو وڃي ٿو ان تي اهو نالو ورھاڱي کان پوءِ پيو، هن باغ جي آبياري لاءِ پڻ هڪ وڏو کوھه کوٽيو ويو هو، ورهاڱي کان اڳ 1926ع ۾ هن باغ ۾ هڪ ليڊيز ڪلب قائم ڪيو ويو جنھن کي شھر جي سماجي شخصيت ڀومي ٻائي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، لاڙڪاڻي جو راڻي باغ لاڙڪاڻي جي ان حصي ۾ آهي جتي لاڙڪاڻي جو جنم ٿيو ۽ اهو ئي پاڙو ۽ ماڳ لاڙڪاڻي جي جنم ڀومي آهي، راڻي باغ جي اتر اوڀر ۾ گھاڙ واھه وھندو ھو، باغ جي اوڀر ۾ بهارپور جو تاريخي پاڙو آهي، جنهن جي تاريخي حيثيت باغن جي هن شهر سان سلهاڙيل آهي، راڻي باع جي ڏکڻ ۾ تاريخي پاڙو قافلي سرائي ۽ علي گوهر آباد واقع آهي، هن باغ جو نالو راڻي ايلزبيٿ جي نالي سان منسوب هو، تنهن ڪري ان کي راڻي باغ سڏيو ويندو آهي، ڊاڪٽر غلام رسول پنهنجي آتم ڪٿا سنڌو درياهه ۽ گهاڙ واھه سان ڪئي آهي، جنهن ۾ سندس محبت شامل آهي، سنڌو ڪناري ساروڻيون ڪتاب ۾ سکر شهر ۽ سکر بئراجن بابت به لکيو آهي، ڊاڪٽر صاحب سنڌو لائڊ بئراج جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته هن بئراج جي تعمير ٿيڻ جو عمل 1922ع کان شروع ٿيو جيڪو 1935ع تي مڪمل ٿيو ته هن بئراج جو نالو بمبئي ۾ رهندڙ انگريز سرڪار جي گورنر مسٽر لائيڊ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، جڏهن ته هن عظيم آبپاشي نظام جو نقشو ۽ ڊيزائن برطانيا سرڪار جي نمائندي سر چارلس ٽن ھيرسن جي صلاح ۽ هدايتن موجب انجنيئر آرنالڊ مستو تيار ڪيو هو، هن ڪتاب ۾ پڙهڻ سان گڏ لاڙڪاڻي جي گذريل دور جي باري ۾ تمام گهڻي معلومات ملي ٿي، جيڪو هڪ تاريخي باب آهي، سندس لکيل هي ڪتاب سنڌو ڪناري ساروڻيون هڪ منفرد ۽ ناياب ڪتاب آهي. هي ڪتاب 248 صفن تي ٻڌل آهي، مرڪ پبليڪشن ڪراچي طرفان ڇپيو آهي، ڇپائي جو سال 2021ع آهي، مان ڊاڪٽر غلام رسول کي هن ڪارائتي ڪم ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، جنهن ۾ هن ڪئناڊا جهڙي ملڪ ۾ ويهي پنهنجون ساروڻيون قلم بند ڪيون ۽ ڪتابي صورت ۾ اسان جي اڳيان آنديون  آهن، اسان جون دعائون ساڻس گڏ آهن، الله پاڪ کيس صحت ۽ تندرستي عطا ڪري علم ۽ قلم ۾ اضافو ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو