105

افغان اقتدار ۾ طالبان جي واپسي…!!

ايڊيٽوريل

20 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر طالبان افغانستان جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. هن وقت افغانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي ۽ اشرف غني پنهنجي نائب صدر امر الله صالح سان گڏ ترڪمانستان فرار ٿي ويو آهي، اشرف غني گذريل ڏهاڙي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو هو ته ڪابل کي طالبان مان ڪوبه خطرو ڪونهي ۽ سندس حڪومت ڪم ڪندي رهندي پر ان پيغام کان پوءِ سندس ڪو به ڏس پتو ڪو نه هو، هو هن وقت افغانستان مان نڪري ويو آهي، افغانستان جي اهم شخصيت عبدالله عبدالله اها تصديق ڪئي آهي ته اشرف غني ملڪ ڇڏي چڪو آهي، سندس ملڪ مان روانگي جي اطلاع کانپوءِ طالبان صدارتي محل جو به انتظام سنڀالي ورتو آهي ان کان اڳ طالبان مزار شريف سميت 23 صوبن تي طالبان پنهنجو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ ڪابل ڏانهن پيش قدمي شروع ڪئي جيڪا آچر واري ڏهاڙي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ هن وقت ڪابل جو سمورو سيڪيورٽي نظام طالبان ئي سنڀالي ورتو آهي.افغانستان جي اشرف غني حڪومت جي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته عبدالله عبدالله،حڪمت يار ۽ حامد ڪرزئي تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي آهي جنهن جو چيئرمين عبدالله عبدالله هوندو، عبدالله عبدالله افغانستان ۾ اقتدار جي پرامن منتقلي لاءِ ٽياڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته هو ڳالهين لاءِ جلد قطر جو دورو پڻ ڪندو، طالبان سڀني جي لاءِ عام معافي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي تنگ نه ڪيو ويندو، ترجمان جو چوڻ آهي ته عورتن جي حقن جو احترام ڪنداسين، افغان شهري ملڪ ۾رهن، پرڏيهي پنهنجي خواهش تي وڃي سگهن ٿا. طالبان ڪنهن عبوري سيٽ اپ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ آهي ته اقتدار جي جلد پرامن منتقلي چاهيون ٿا. طالبان ترجمان جو چوڻ آهي ته اقتدار پرامن منتقل ٿيندو، اسان جا دروازا انهن ماڻهن جي لاءِ به کليل آهن، جن حملو ڪندڙن جي مدد ڪئي هئي، ڪابل انتظاميا سان گڏ بيٺل ماڻهن لاءِ به در کولي ڇڏيا آهن، اسان سڀني کي هڪ ڀيرو ٻيهر دعوت ڏيون ٿا ته اچو ته گڏجي ملڪ جي نئين سر تعمير ڪريون. طالبان طرفان ڪابل اندر ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، افغان گهرو وزارت جي قائم مقام سربراهه عبدالستار مرزاڪوال جو چوڻ آهي ته شهر ۾جيڪو به نظر ايندو ان کي چور يا ڦورو سمجهي ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪابل ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال سبب آمريڪا پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ عملي کي هوائي اڏي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جرمني سميت ٻين ملڪن طرفان به پنهنجو سفارتي عملو واپس گهرائڻ لاءِ خصوصي فوجي جهاز موڪليا پيا وڃن، پاڪستان پاران پڻ افغانستان مان پنهنجي شهرين کي واپس آڻڻ لاءِ هوائي اڏامن ۾ فوري طور تي اضافو ڪيو ويو آهي. برطانيا ۽ ٻين ملڪن طرفان افغانستان ۾ طالبان جي اڳرائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آمريڪي ميڊيا پاران بائيڊن حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته آمريڪا جي جلد بازي ۾ نڪرڻ سبب افغانستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر طالبان اچي ويا آهن، مشهور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز پنهنجي تجزيي ۾ چيو آهي ته بائيڊن حڪومت جو اندازو غلط ثابت ٿي ويو آهي ته طالبان ڪمزور ٿي چڪا آهن ۽ اهي اقتدار نٿا سنڀالي سگهن پر جنهن تيزيءَ سان طالبان سفر ڪري ڪابل تائين پهتا آهن ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جو سمورو اندازو غلط هو، ان معاملي تي آمريڪي ميڊيا ۾ هڪ وڏو بحث پڻ هلي رهيو آهي، آمريڪي حڪومت2001ع ۾ افغانستان تي ڪاهه ڪري طالبان کي اقتدار کان الڳ ڪيو هو ۽ ان کانپوءِ لاڳيتو 20 سالن تائين ويڙهه هلندي رهي، جڏهن ته افغانستان ۾ نئين حڪومت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ فوج ٺاهڻ تي ڪروڙين ڊالر رپيا پڻ خرچ ڪيا ويا پر اها حڪومت آمريڪا جي نڪرڻ بعد واري جي ڀت جيان ڊهي پئي، آمريڪا افغانستان مان جولاءِ مهيني ۾ جيئن ئي پنهنجي فوج رات جي انڌاري ۾ واپس ڪڍي ويو ته طالبان پڻ پنهنجي پيش قدمي شروع ڪئي، هڪ هڪ صوبو فتح ڪرڻ کانپوءِ هاڻي هنن ڪابل جو اقتدار پڻ سنڀالي ورتو آهي، ڏسجي ته حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون پر اها حقيقت آهي ته هن وقت پرامن طور افغانستان طالبان جي ڪنٽرول ۾ اچي چڪو آهي، ڏسجي ته آمريڪا ۽ يورپ سندن حڪومت کي تسليم ڪن ٿا يا نه؟ اهو سڀ ڪجهه ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو