اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 72 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3هزار 669 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 44 سيڪڙو، ملتان 45 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 55، ڪراچي ۾ 58 سيڪڙو، صوابي ۾ 68 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 644 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 19 هزار 59، پنجاب ۾ 19 هزار 256، خيبرپختونخواهه ۾ 09 هزار 245، اسلام آباد ۾ 3 هزار 535، بلوچستان ۾ 553، گلگت بلتستان ۾ 962، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 34 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 89 هزار 13 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 463 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 88 هزار 588 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 2 هزار 79 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 29 هزار 452، بلوچستان ۾ 31 هزار 583، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 396، اسلام آباد ۾ 94 هزار 108، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 52 هزار 625، پنجاب ۾ 3 لک 72 هزار 750 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 12 هزار 165 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 24 هزار 478 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 439 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 مريض اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 11 هزار 372 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 668 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 834 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. بلوچستان ۾ 335 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. گلگت بلتستان ۾ 164 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 666 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 69 لک 2 هزار 15 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 5 هزار 216 مريض علاج هيٺ آهن.
