ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع نصير آباد بس اسٽاپ وٽ نامعلوم تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي. تفصيل مطابق ڪراچي جي جوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع نصير آباد بس اسٽاپ وٽ نامعلوم تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 25 ورهين جو الاهي بخش فوت ٿي ويو جڏهن ته 20 ورهين جو احسن زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو آهي.
