فائرنگ 140

آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ننڍي ٻار هٿان گولي لڳڻ سبب ماءُ مارجي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ننڍي ٻار هٿان گولي لڳڻ سبب ماءُ مارجي وئي. رپورٽ مطابق پوليس ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته فلوريڊا جي علائقي الٽامونٽي اسپرنگس جي اپارٽمنٽ ۾ هڪ ننڍي ٻار پنهنجن ساٿين سان زوم ڪال دوران پنهنجي 21 سالن جي ماءُ کي مٿي ۾ گولي هڻي ماري ڇڏيو آهي. هن چيو ته گولي هڻن کانپوءِ ٻار سان زوم ڪال ۾ شريڪ ساٿين مان هڪ 911 تي اطلاع ڏنو جنهن کان فوري بعد پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا جتي هنن هڪ 21 سالن جي عورت کي مئل حالت ۾ ڏٺو. اپارٽمنٽ جي تلاشي دوران پوليس اهلڪارن واقعي ۾ استعمال ٿيل گن قبضي ۾ وٺي ڇڏي آهي. پوليس عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو