اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسانجو حتمي مقصد پرامن، متحد، جمهوري، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان آهي. اها ڳالهه هن افعان اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سومر تي هن سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغانستان جي قورتهال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته ضروري آهي ته اسان گڏجي افغانستان ۽ خطي جي بهتري لاءِ لائحه عمل جوڙيون. اسانجو حتمي مقصد پرامن، متحد، جمهوري، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان آهي. مونکي اميد آهي ته اسن گڏجي امن ۽ مفاهمت کي اڳتي وڌائي سگهون ٿا. عالمي برادري افغانستان ۾ امن ٿي چاهي، افغان قيادت لاءِ لازم آهي ته هو ان تاريخي موقعي جو فائدو کڻندي، افغانستان جي وسيع سياسي حل لاءِ رستو هموار ڪري، اسان سمجهون ٿا ته جامع ڳالهيون، افغان مسئلي جي پرامن سياسي حل جو واحد رستو آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان نٿا چاهيون ته افغانستان ۾ بدامني هجي ۽ اندروني ڇڪتاڻ سبب پاڙيسري ملڪ متاثر ٿين. اسانکي امن مخالف عنصرن تي پڻ ڪڙي نظر رکڻي پوندي جيڪي پاڪستان جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل مصالحاڻي ڪردار کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. افغانستان جي قطعي منزل حاصل ڪرڻ ۾ افغان معاشري جو هر طبقو برابر اهميت رکي ٿو، پاڪستان، افعانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو تعميري ۽ مصلحاڻو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
