اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لاهور جي بينڪنگ جرائم عدالت العربيه ۽ رمضان شگرملز ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آئي اي کان انڪوائري بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. بينڪنگ جرائم عدالت جو جج قيصر نذير بٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ٻڌڻي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت جي معياد ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ پنهنجي حاضري مڪمل ڪرائي. شهباز شريف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو سينئر وڪيل امجد پرويز اڄ پيش نٿو ٿي سگهي استدعا آهي تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جاچ آفيسر طرفان مني لانڊرنگ، شگرملز ڪيس جي نامڪمل رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسان رڪارڊ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جنهن تي عدالت جاچ آفيسر کي جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شهباز ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
