153

حيدرآباد ۾ موبائل فون سروس بنا اطلاع جي اوچتو بند، ڪار وهنوار متاثر، صارفين پريشان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ سومر ڏينهن منجهند جو موبائل فون سروس بنا اطلاع جي اوچتو بند ٿي وئي جنهن سبب ڪاروهنوار متاثر ٿيو ۽ صارفين سخت پريشاني کي منهن ڏنو. تفصيل موجب حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ موبائيل فون جي جزوي سروس بند ٿيڻ سبب صارفين کي سخت پريشاني واري صورتحال کي منھن ڏيڻو پيو. شھرين موجب موبائيل فون جي سروس بنا اطلاع جي بند ٿيڻ سبب ميڊيا جي صحافين سميت واپارين توڙي شھرين کي تمام گھڻي پريشاني واري صورتحال کي منھن ڏيڻو پيو جڏھن ته انتظاميا موبائل فون جي سروس جي بند ٿيڻ بابت اڳواٽ ڪوبه اطلاع نه ڏنو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو