ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ميجر جنرل شبير احمد ناريجو گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فورس ڪمانڊر سنڌ برگيڊيئر سيد وقار حيدر رضوي به شامل هو. ڊائريڪٽر جنرل اي اين ايف سنڌ جي وڏي وزير سان منشيات تي ضابظو آڻڻ جي حوالي سان ٿيل اجلاس بابت گورنر سنڌ کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. گورنر سنڌ چيو ته ڊرگ مافيا جو اسان کي گڏجي خاتمو ڪرڻو پوندو ته جئين صوبي کي منشيات کان پاڪ ڪري سگهجي. گورنر سنڌ چيو ته منشيات تي ضابطو آڻڻ لاءِ اينٽِي نارڪوٽڪس فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو اهم ڪردار آهي. گورنر سنڌ والدين تي زور ڀريندي چيو ته انهن جي به ذميداري آهي ته هو پنهنجي ٻارن تي نظر رکن ته سندن ٻارن جون ڪهڙيون مصروفيتون آهن.
