ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ 7 محرم الحرام جي جلوس جي سيڪورٽي لاءِ سخت انتظام ڪندي جلوس جي سيڪورٽي تي 4 هزار 2 سئو اهلڪار مقرر ڪيا. پوليس ذريعن مطابق سيڪورٽي لاءِ ضلعي پوليس، بلوچستان ڪانسٽيبلري آر آر جي ۽ اي ٽي ايف جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا. جلوس جي رستي ۾ ايندڙ هوٽلن ۽ دڪانن کي عارضي طور تي سيل ڪري ڇڏيو. جلوس جي طرف ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي لڳائي ويل پابندي تي سختي سان عمل درآمد ڪرايو ويو.
