اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلوڪار عاطف اسلم چيو آهي ته هو پاڻ کي اداڪاري لاءِ بهتر نٿو سمجهي . هن تازي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هو فلم ” بول “ کان پوءِ اداڪاري لاءِ پاڻ کي بهتر نٿو سمهجي پر جيڪڏهن ڪو سٺو اسڪرپٽ مليو ته انڪار به نه ڪندس . نئين ڊرامه سيريل ” سنگ مرمر “ ۾ ادڪار طورتي اچڻ جي حوالي سان خبرن کي رد ڪندي هن چيو ته ان بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو پر ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن نئين پرجيڪٽ ۾ اداڪاره ماهره خان سان گڏ نظر اچان.
