146

صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ سکر جي عدالت ۾ پيش

سکر (ويب ڊيسڪ) صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ سکر جي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. خبر موجب صالح پٽ شهر ۾ قتل ٿي ويل صحافي اجي لالواڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت سکر ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي حڪم تي جوڙيل جي آءِ ٽي جي جاچ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي. رپورٽ ۾ ٽائون ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين سيد عنايت شاهه، احسان شاهه ۽ پوليس انسپيڪٽر عاشق ميراڻي جا نالا  بطور ملزم خارج ڪيا ويا آھن. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ اسپتال عملي کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته فريادي ۽ گواهن جا بيان ٻڌڻ بغير ڪنهن به جوابدار جو نالو خارج نٿو ڪري سگھجي. جنهن تي عدالت ۾ فريادي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته فريادي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگھي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته صحافي اجي لالواڻي کي صالح پٽ شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو