158

جنگ جي خاتمي جو اعلان، طالبان عالمي طاقتن سان گڏ هلڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڪابل تي قبضي ۽ افغانستان جي مختلف علائقن ۾ عملداري قائم ڪرڻ بعد طالبان عالمي برادري سان گڏجي هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.طالبان سياسي آفيس جي ترجمان محمد نعيم خليجي پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته طالبان ڪنهن ٻئي ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا ۽ چاهيون ٿا ته ڪو به ٻيو ملڪ اسان جي معاملن ۾ به مداخلت نه ڪري. هن چيو ته اڄ طالبان کي 20 سالن جي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر ملي ويو. طالبان ڪنهن کي به نقصان پهچائڻ نٿا چاهين. سمورن افغان اڳواڻن سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون ۽ هر قدم ذميواري سان کڻداسين. طالبان عالمي برادري جي خدشن تي به ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. طالبان ترجمان چيو ته ڪنهن کي به افغانستان جي زمين ڪنهن جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. طالبان ڪنهن ٻئي ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا ان لاءِ چاهيون ٿا ته ڪو ٻيو به ملڪ اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. اميد آهي ته پرڏيهي طاقتون افغانستان ۾ پنهنجا ناڪام تجربا نه ورجائينديون. طالبان جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي آزادي جو مقصد حاصل ڪري چڪا آهيون. سمورن افغان اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون ۽ ان جي تحفظ جي ضمانت ڏيون ٿا. اشرف غني جي ڀڄي وڃڻ جي اميد نه هئي. هن چيو ته عالمي برادري سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا. ڪنهن سفارتي يا هيڊ ڪوارٽر کي نشانو ناهي بنايو ويو. شهرين ۽ سفارتي مشنز کي تحفظ ڏينداسين. سمورن ملڪن ۽ طاقتن کي  چئون ٿا ته هو ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسان سان گڏ ويهن. طالمان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. عورتن ۽ اقليتن جي حقن ۽ آزادي جو  شريعت موجب خيال رکيو ويندو. هوڏانهن افغانستان جي سياسي ونگ جي سربراهه ملا عبدالغني برادر اخوند چيو آهي ته الله تعاليٰ جي مدد سان سوڀ ملي آهي، جهڙي ريت ڪاميابي ملي ان جو سوچو ئي نه هو.

سياسي آفيس جي ترجمان محمد نعيم ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ملا عبدالغني برادر جو وڊيو بيان جاري ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو